ميرپورخاص : سنڌ ٻارن کي معاشي براين کان بچائڻ لاءِ رندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ تمام ضروري آهي

ميرپورخاص ( شاہزیب خاصخیلی ) ڊويزنل فٽنيس ايسوسي ايش (ڊفا) گاما اسٽيڊيم ميرپورخاص سنڌ ٻارن کي معاشي براين کان بچائڻ لاءِ رندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ تمام ضروري آهي اهڙن خيالن جو اظهار منصور احمد چيمه ڊويزنل باسڪٽ بال ايسوسي ايشن ميرپورخاص پاران گام اسٽيڊيم ميرپورخاص۾  ٿري ان  ٿري انٽر ڪلب باسڪٽ بال ٽورنامينٽ جي فائينل ميچ ۾ مهمان خاص جي حثيت سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيوته اسان جي ڪوشش آهي ته اسان جا رانديگر ملڪ سميت دنيا ليول جي مقابلن ۾ حصو وٺي پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن  انهي موقعي تي  صدر ڊويزنل باسڪٽ بال ايسوسي ايشن ميجرRetired مسرور بيگ سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر شوقت اعواڻ چيئر مين ڊويزنل  فٽنيس ايسوسي ايشن  ميرپورخاص غوث محمد پٺاڻ  ڳالهائيندي چيوته تعليم ڪاميابين جي منزلن تائين پهچڻ جو آسان رستو آهي توهان کي راندين سان گڏ تعليم جو به خاص خيال رکڻ گهرجي هنن چيو ته راندين ۾ حصو وٺندڙ ٻارن جي جسماني سگهه عام ٻارن جي مقابلي ۾  وڌي وڃي ٿي جنهن سبب هو تعليم کي وڌيڪ وقت ڏئي سگهن ٿا انهي موقعي تي آرگنائيزر محمد احسان شيخ  ٻڌايوته ميچ ٽي ڏينهن جاري رهي ميچ ۾ ڇهن ڪلبن  حصو ورتو جنهن  ۾ فائيٽر ڪلب واريئرس ڪلب لٽل روز ڪلب پيراڊائيز ڪلب فيلڪن ڪلب ٽيمن نيو اسٽار ڪلب حصو ورتو  پهري مرحلي ۾ ڇهن ٽيمن جي وچ ۾  مقابلا ٿيا جنهن مان ٻن ٽيمن کي ناڪاميابي حاصل ٿي ۽ ڇئن ٽيمن ڪاميابي ماڻي  سيمي فائينل ۾ شامل ٿيون سيمي فائينل ۾ چئن ٽيمن جي وچ ۾ مقابلا ٿيا جنهن مان ٻه ٽيمون ڪاميابي ماڻي فائينل ۾ پهتوين فائينل  مقابلي ۾   لٽل روز ڪلب 11 پوائنيٽ ۽ فائيٽر ڪلب 7 پوائينٽ حاصل ڪيون ٻنهي ٽيمن  مان لٽل روز ڪلب 4 پوائيمٽ وڌيڪ حاصل ڪري  فائينل ميچ کٽي ورتو جڏهن ته ميچ ۾ بيسٽ پليئر قاسم کي قرار ڏنو ويو  آخر ۾  رنر ۽ ونر  ٽيمن ۾ ايوارڊ ٽي شرٽ سميت ڪيش پرائيز پڻ تقسيم ڪيا ويا ميچ مان رانديگرن ۽ عام ماڻهو تمام گهڻو لطف اندوز ٿيا ۽ راند ڪرائيندڙن جي واکاڻ ڪئي تماشائين ڳالهائيندي چيوته  اهڙي قسم جا ٽورنامينٽ هميشه ڪرايو وڃن ته جيئن ٻارن ۾ راندين کيڏڻ جو چاهه پيدا ٿئي.

Read Previous

راڻي پور : فيز 12 جي تحت سڀيتا اڪيڊمي راڻي پور ۾ شاگردن شاگردياڻين کي سرڪاري سطح تي 4 مھينن جي اسڪالر شپ ٽيڪنيڪل ڪورس پورو ٿيڻ تي شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا

Read Next

خيرپور : سول اسپتال خيرپور جي ايم ايس ڊاڪٽر ڪليم الله ميمڻ مٿان سپاف جي ڪارڪنن جو سندس آفيس ۾ حملو, يم ايس سخت زخمي

Most Popular