خيرپور : سول اسپتال خيرپور جي ايم ايس ڊاڪٽر ڪليم الله ميمڻ مٿان سپاف جي ڪارڪنن جو سندس آفيس ۾ حملو, يم ايس سخت زخمي

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ ) سول اسپتال خيرپور جي ايم ايس ڊاڪٽر ڪليم الله ميمڻ مٿان سپاف جي ڪارڪنن جو سندس آفيس ۾ حملو, يم ايس سخت زخمي. خبر موجب سول اسپتال خيرپور جو ايم ايس ڊاڪٽر ڪليم الله ميمڻ پنهنجي آفيس ويٺو هو ته سپاف ڪارڪنن سندس آفيس ۾ گهري حملو ڪري ڏنو, جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. جڏهن ته حملي دوران سول اسپتال ۾ مقرر ٿيل پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊن توڙي اسپتال لاءِ مقرر پوليس اهلڪارن ڀڄي جان ڇڏائي ۽ حملي آور آساني سان فرار ٿي ويا. جڏهن ته ايم ايس تي حملي جو اطلاع ملڻ شرط سول اسپتال جا سوين ملازم ۽ ڊاڪٽر واقعي واري هنڌ پهچي ويا، زخمي ٿيل ايم ايس جو سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ بروقت علاج ڪري رت بند ڪئي وئي. جنهن بعد ملازمن ۽ ڊاڪٽرن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري سول اسپتال جي مين گيٽ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي سول اسپتال جي ايڊيشنل ايم ايس ڊاڪٽر اعجاز علي سمون، هيلٿ ڪيئر فورم سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ظفر علي جتوئي ۽ ٻين چيو ته سپاف جي نوجوان وڏي غنڊه گردي ڪئي آهي ۽ ايم ايس مٿان حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته جستائين حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتارنه ڪيو ويندو تيستائين اسان اسپتال بند رکنداسين، جڏهن ته سول اسپتال خيرپور جي ايم ايس ڊاڪٽر ڪليم الله ميمڻ کي ٻڌايو ته سپاف جي ڪارڪنن مون کي چيو ته اسان کي لاڙڪاڻي بنيظير ڀٽو جي ورسي ۾ وڃڻو آهي جنهن ڪري تون اسان کي 50 هزار روپيه ڀتو ڏي, جيڪو ڏيڻ کان مان انڪار ڪيو ته سپاف جا نوجوان مڇرجي پيا ۽ مون مٿان حملو ڪري ٽي ٽي پسٽل جا قنداق هڻي رتو رت ڪري ڇڏيو ۽ جيئي ڀٽو جا نعرا هڻندا فرار ٿي ويا، ٻئي طرف ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ايم ايس ڊاڪٽر ڪليم الله ميمڻ مٿان حملي جو نوٽيس وٺندي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد ايس ايڇ او بي سيڪشن مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پر جوابدار هٿ نه اچي سگهيا. جڏهن ته بي سيڪشن پوليس سول اسپتال خيرپور جي ايم ايس ڊاڪٽر ڪليم اللہ ميمڻ حملي جو ڪيس بادل ڳاھو, اقبال ھيسباڻي, ساجد کوسو, راشد ڀٽي, خالد ۽ ٻين مٿان داخل ڪري ورتو آهي بي سيڪشن پوليس جوابدارن پاران واقعي ۾ استعمال ٿيل گاڏي ھٿ ڪري ورتي.

Read Previous

ميرپورخاص : سنڌ ٻارن کي معاشي براين کان بچائڻ لاءِ رندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ تمام ضروري آهي

Read Next

مورو : سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئشن سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سگا آفيس مورو ۾ اديب شاعر محمد ادريس جتوئي جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو

Most Popular