ڪورونا جي باوجود معيشت بابت سٺيون خبرون اچي رهيون آهن: وزيراعظم

عمران خان

اسلام آباد:  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي باوجود معيشت بابت سٺيون خبرون اچي رهيون آهن.  سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي وزيراعظم عمران خان لکيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا 3 ارب ڊالر آهن جڏهن ته نومبر ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 447 ملين ڊالر رهيو.  هن چيوته مالي سال ۾ هينئر تائين ڪرنٽ سرپلس هڪ اعشاريه 6 ارب ڊالر رهيو.  وزيراعظم چيو ته ڪرنٽ سرپلس  گذريل سال جي هن مهيني هڪ اعشاريه 7 ارب هو. هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ جي ذخيرن ۾ اهو اضافو 3 سالن ۾ سڀني کان وڌيڪ بلند ترين سطح تي آهي.

Read Previous

پارليامنٽ سمورن ادارن جي ماءُ آهي، نيب جو چيئرمين پارليامينٽ ۾ ڇو نٿو اچي سگهي، جيڪڏهن هو پارليامينٽ ۾ پيش نه ٿيو ته ملڪ ۾ هڪ ٻيو مسئلو پيدا ٿي ويندو : پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه

Read Next

مريم ۽ بلاول شو پيس آهن، فيصلا نوازشريف ۽ آصف زرداري ڪندا آهن: فواد چوڌري

Most Popular