پارليامنٽ سمورن ادارن جي ماءُ آهي، نيب جو چيئرمين پارليامينٽ ۾ ڇو نٿو اچي سگهي، جيڪڏهن هو پارليامينٽ ۾ پيش نه ٿيو ته ملڪ ۾ هڪ ٻيو مسئلو پيدا ٿي ويندو : پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه

سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ ) آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه خلاف احتساب عدالت ۾ داخل ڪيل ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، ٻڌڻي دوران سيد خورشيد احمد شاهه کي اين آءِ سي وي ڊي دل جي اسپتال کان ايمبولينس ذريعي عدالت آندو ويو، جڏهن ته ساڻس ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل سندس ڀائٽو صوبائي وزير اويس قادر شاهه ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران ايف بي آر جا عملدار پڻ پنهنجا بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ پهتا، سندن دستاويز مڪمل نه هجڻ تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 جنوري تائين ملتوي ڪري ايف بي آر عملدارن کي حڪم ڏنو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي سمورا دستاويز پيش ڪيا وڃن.هوڏانهن ٻڌڻي بعد عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پارليامنٽ سمورن ادارن جي ماءُ آهي، جيڪڏهن چيف جسٽس پارليامينٽ اچي سگهي ٿو ته نيب جو چيئرمين پارليامينٽ ۾ ڇو نٿو اچي سگهي، جيڪڏهن هو پارليامينٽ ۾ پيش نه ٿيو ته ملڪ ۾ هڪ ٻيو مسئلو پيدا ٿي ويندو، هن چيو ته عمران خان اپوزيشن سان شروع کان وٺي ڳالهائڻ ئي نٿو چاهي جنهن سبب تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪڏهن شملا ۽ ڪارگل جهڙي معاملي تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ته پوءِ اپوزيشن سان ڇو نٿو ڳالهائي سگهجي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته احتجاج اپوزيشن جو حق آهي، پر حڪومت احتجاج کي خرابي طرف وٺي وڃي رهي آهي، عمران خان ته چيو هو اپوزيشن احتجاج ڪري هو ڪنٽينر به ڏيندو پر احتجاج ڪرڻ تي لٺيون وسايون پيون وڃن، موجودا صورتحال ۾ ڳالهيون ۽ پارليامينٽ جو رستو بهتر رهندو جنهن سان سمورا مسئلا پاڻ ئي حل ٿي ويندا، استعيفا ڏيڻ معامري جو حل نه آهي، مان پنهنجي استعيفا قيادت آڏو پيش ڪري ڇڏي آهي، فاروق ايڇ نائڪ نيب جي حوالي سان جيڪو ڊسڪس ليٽر ڏنو آهي، اهو عمران خان کي لوڏائي ڇڏيندو، اين آر او جو راڳ بند ٿيڻ گهرجي.

Read Previous

نوابشاهه ڀرسان محمدي ٽائون لڳ ڊاڪٽر مختيار علي پاران غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جو مفت ۾ اکين جو آپريشن ڪرڻ ۽ کين دوائون فراهم

Read Next

ڪورونا جي باوجود معيشت بابت سٺيون خبرون اچي رهيون آهن: وزيراعظم

Most Popular