سکر : يوم قائداعظم محمد علي جناح جي سلسلي ۾ اسپورٽس فيسٽيول دوران راندين جا مقابلا جاري

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ)سکر ۾ يوم قائداعظم محمد علي جناح جي سلسلي ۾ اسپورٽس فيسٽيول دوران راندين جا مقابلا جاري مقابلن دوران ڪرونا ايس او پيز جو خيال رکيو پيو وڃي، پڄاڻي واري تقريب 25 ڊسمبر تي منعقد ٿيندي: ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل۔ ضلعي انتظاميه سکر پاران اسپورٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ جي سهڪار سان يوم قائداعظم محمد علي جناح جي سلسلي ۾ اسپورٽس فيسٽيول جاري آهي، جنهن جو افتتاح ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل چيو آهي ته قائداعظم ڊي اسپورٽس فيسٽيول 2020 جي سلسلي ۾ ڪرڪيٽ، فوٽبال، هاڪي، اسڪوائش، تائي ڪونڊو، ٿروبال، ٽگ آف وار، والي بال ۽ ايٿليٽڪس جا مقابلا سکر ميونسپل اسٽيڊيم، جيم خانه ڪلب ۽ ٻين جڳهن تي منعقد ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته سمورين راندين جي مقابلن ۾ ڪرونا کان بچاءَ جي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته فيسٽيول جي پڄاڻي واري تقريب 25 ڊسمبر تي منعقد ٿيندي جنهن جو مهمان خاص ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر هوندو جيڪو فاتح ٽيمن ۾ انعام ورهائيندو. اسپورٽس فيسٽيول جي شيڊول موجب بيڊمنٽنس جا مقابلا 22 کان 24 ڊسمبر تائين شام جو ستين وڳي جيم خانه ڪلب، ڪرڪيٽ 22 کان 24 ڊسمبر شام جو 4 وڳي پي سي بي گرائونڊ سکر، تائي ڪونڊو 23 کان 24 ڊسمبر شام جو پنجين وڳي جناح ميونسپل اسٽيڊيم، فوٽبال 23 کان 24 ڊسمبر 3 وڳي شام جناح ميونسپل اسٽيڊيم، هاڪي جا مقابلا 22 کان 24 ڊسمبر 3 وڳي پيپلز هاڪي گرائونڊ سکر، اسڪوائش 25 ڊسمبر شام پنجين وڳي کان 7 وڳي تائين همايون جيمخانه ڪلب، ٽيبل ٽينس 23 کان 25 ڊسمبر ٽين وڳي کان ڇهين وڳي تائين همايون جيمخانه، ٿروبال 23 ڊسمبر شام جو 4 وڳي نئون پنڊ گرائونڊ، والي بال جا مقابلا 23 ڊسمبر تي 4 وڳي شام جناح ميونسپل اسٽيڊيم سکر، ٽگ آف وار 23 کان 25 ڊسمبر 4 وڳي شام جناح ميونسپل اسٽيڊيم ۽ ايٿليٽڪس مقابلا 24 ڊسمبر صبح 10 وڳي پبلڪ اسڪول گرائونڊ سکر ۾ منعقد ڪيا ويندا.

Read Previous

پ پ پ تعلقي يوٿ صدر جواد ظفر جمالي جي زير صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي گذري

Read Next

خيرپور : قديمي درگاهه شاهلڌاڻي جي رهواسين قبرستان تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو

Most Popular