پ پ پ تعلقي يوٿ صدر جواد ظفر جمالي جي زير صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي گذري

تلھار ۾ پ پ پ تعلقي يوٿ صدر جواد ظفر جمالي جي زير صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي گذري،گڏجاڻي ۾ 27 ڊسمبر بابت غور ويچار ڪيو ويو، گڏجاڻي ۾ پ پ مدر ونگ تعلقي تلھار جي جنرل سيڪريٽري مرزو خان دلواڻي،پ پ اڳواڻ نظير دلواڻي جي خصوصي شرڪت گڏجاڻي کي پ پ يوٿ تعلقي صدر جواد ظفر جمالي خطاب ڪندي چيو ته ايشيا جي عظيم ليڊر اسانجي قائد ڀيڻ محترمه ٻينظير ڀٽو جي 13 ورسي جي موقعي تي اسان يوٿ پاران ڀيٽا ڏيڻ لا۽ وڏي قافلي جي صورت ڳڙھي خدا بخش پھچنداسين ان سلسلي ۾ راڄوخاناڻي،غلام شاھ،پيرولاشاري،دٻھڙو ۽ ٻين يوسين ۾ به يوٿ اڳواڻن سان رابطا بحال ڪرڻ جي تجويز جاري ڪئي وئي ان موقعي تي سينئير نائب صدر ظھور احمد خاصخيلي،مير عبدالقيوم ٽالپر،ياسين ٽالپر،ديدار علي شاھ،بشير سومرو ۽ دلدار جت پڻ موجود ھئا

Read Previous

23 ڊسمبر کان 28 ڊسمبر 2020 تائين نامزدگي فارم وصول ۽ جمع ڪرايا ويندا. اميدوارن جي لسٽ 29 ڊسمبر تي جاري ڪئي ويندي : اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان

Read Next

سکر : يوم قائداعظم محمد علي جناح جي سلسلي ۾ اسپورٽس فيسٽيول دوران راندين جا مقابلا جاري

Most Popular