نيو ڪراچي ۾ فيڪٽري اندر ڌماڪو، 6 ڄڻو شهيد ، 10 زخمي

ڪراچي : صبا سينيما جي ڀرسان فيڪٽري اندر ڌماڪي جي نتيج ۾ؤ ۽ 10 زخمي ٿي پيا. ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي ۾ صبا سينيما جي ڀرسان فيڪٽري ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 10 زخمي ٿي پيا، واقعي کان پوءِ امدادي ڪارڪنن جو وڏو انگ فيڪٽري کان ٻاهر پهچي ويو ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي ڪري فيڪٽري جي ڇت به ڪِري پئي جنهن جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جي ملبي هيٺان دٻيل هجڻ جو خدشو آهي.فيڪٽري ۾ ڌماڪي کان پوءِ پوليس ۽ رينجرز علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نوعيت جو جائزو ورتو پيو وڃي پر شروعاتي جاچ موجب فيڪٽري ۾ ڌماڪو بوائلر ڦاٽڻ سبب ٿيو پر ڌماڪي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Read Previous

تعلقه اسپتال بهتري ڪميٽي سڪرنڊ پاران شهرين جي وڏي تعداد سان گڏ اسپتال جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي

Read Next

نئين سال لاءِ واٽس ايپ جا ٽي نوان فيچر ڪهڙا هوندا؟

Most Popular