ملڪه ترنم نور جهان کي مداحن کان وڇڙئي ويهه سال وهامي ويا

لاهور:   دل موهيندڙ آواز، دلڪش ادائن ۽ شخصيت جي مالڪ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ بنجندڙ ملڪه ترنم نور جهان کي مداحن کان وڇڙئي 20 سال وهامي ويا.  ملڪه ترنم نور جهان جا لازوال گيت ۽ غزلون اڄ به شوقينن جي جذبات جي ترجماني ڪنديون آهن. ساز، آواز ۽  شاعري جي حسين سنگم سان گڏ جيڪڏهن مدهر ۽ مٺي آواز ملي وڃي ته هڪ گيت مڪمل ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن اهو آواز ميڊم نور جهان جو هجي ته گيت امر ٿي ويندو آهي. 21 سيپٽمبر 1926ع تي قصور ۾ پيدا ٿيندڙ سرن جي راڻي موسيقار گهراڻي ۾ پيدا ٿي.  چئن سالن جي عمر ۾ کيس موسيقي جي تعليم جي لاءِ خانداني استاد غلام محمد جي حوالي ڪيو ويو. سندس اصل نالو الله وسائي هو جڏهن ته نور جهان ان جو فلمي نالو هو نور جهان کي ملڪه ترنم جو خطاب هند سنڌ جي مشهور منظر نويس ۽ هدايتڪار ضيا سرحدي ڏنو هو. نور جهان لفظن جي ادائگي  ۾ پنهنجو ثاني نه رکندي هئي. ملڪه ترنم نور جهان گلوڪاري سان گڏ ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر  به ڏيکاريا. عظيم گلوڪاره 1965ع جي جنگ ۾ پنهنجي ملي گيتن سان سرحد تي وڙهندڙ جوانن ۽ قوم ۾ نئون جوش ڀريو. ملڪه ترنم نور جهان جا ڳايل گيت فلمن جي ڪاميابي جي ضمانت سمجهيا ويندا هئا.

Read Previous

باڪسر عامر خان هڪ دفعو ٻيهر رنگ ۾ لهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

سنڌ ۾ ميڊيڪل جي شاگردن سان ٿيل ناانصافي

Most Popular