سنڌ ۾ ميڊيڪل جي شاگردن سان ٿيل ناانصافي

عتيق الرحمان کتري

ان ڳالھ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌي ماڻهن سان نا انصافيٿيندي پئي اچي ڪڏهن ٻيٽن جي صورت ۾ ته ڪڏهن شاگردن جي نتيجن ۾ ردو بدل ڪرڻ ۾ ڏٺووڃي.تہ اسان جو صوبو سنڌ تمام گهڻو خوشحال آهي،مالامال آهي هر تعليم عيت ٻين شين ۾ اسان مالامال آهيوناسان جي حڪومت ڀلي مدد نہ ڪري پر اسان پنهنجي پاڻ کي مٽايون ٿا گذريل سال جڏهن (اين ٽي ايس) جي ٽيسٽ ٿي پئي ان کان هڪ ڏينهن اڳ مون هڪ آرٽيڪل لکيو هوجنهن ۾ اهو ٻڌايو تہ سنڌ جي نوجواننکي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي ان وقت صحيح جواب هڪ ڏينهن اڳ پڌرا ڪيا وياهئا. انهن کي پوليس گرفتار ڪيو.هن ڀيري ڪورونہ وائرس سبب ميڊيڪل يونيوسٽي جي ٽيسٽ ملتوي ٿيندي رهي.آخرڪار 29 نومبر تي پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل نيشنل پوري پاڪستان ۾ هڪڀهي ڏينهن ٽيسٽ ورتي جنهن مان اسان کي ائين لڳو ته هن ڀيري شاگردن سان نا انصافي نه ٿيندي اسان جا شاگرد اڳتي ايندا پر (پي ايم سي) پاران جاڙي ڪيل لسٽ جيڪا ويب سائٽ تص پڻ موجود آهن انهن نتيجن موجب ٻهراڙي جا شاگرد 44.51 ۽ شهر جا 55.39 سيڪڙو نا پاس ٿيا آهن جڏهن تہ انهن جي لسٽ آئي تہ ڪيترائي سوال جنم وٺي رهيا آهن. هڪ سوال هن طرح هو تہ ڇا هڪ ئي رول نمبر جا ڪيترا شاگرد ويٺا جن جو هڪ ئي رول نمبر هويا تہ هر صوبي جا نمبر هڪ جهڙا رکيا هئا؟ يا تہ وفاق پاڻ ئي انهن کي نظر انداز ڪرڻ چاهي ٿي ڇو ته ڏٺو وڃي جيڪا لسٽ ملي آهي ان ۾ ڪيترائي شاگرد پاس آهن انهن جي جڳه تي ٻين صوبن جي شاگردن کي پاس ڪيو ويو آهي جيتوڻيڪ ان ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ضلعو ٺٽو ٿيو آهي هي اهو ضلعو آهي جنهن ۾ باني پاڪستان جنم ورتو آهي.ان ضلع جي ماڻهن کي علم دان چيو ويندو آهي پر ان ضلعي ۾سڀ کان وڌيڪ نا انصافي ٿي آهي اسان وٽ معاشري ۾جيڪو ٻار جنم وٺي ٿو ان جي مائٽ جو اهو خواب هوندو آهي تہ منهنجو اولاد ڊاڪٽر ٿيندو اهو پرائيوٽ اسڪولن سينٽرن سميت ٻيون ٽيوشن ڏياريندو آهي جڏهن اهو ٻار انٽر ڪندو آهي ته ڏينهن رات هڪ ڪري ٽيسٽ جي تياري ڪندو آهي ته آئون ٽيسٽ ڏئي ڪامياب ٿيا اهو ڏينهن ڌٻاء جو شڪار بڻجي ويندو آهي پر ٽيسٽ ڏئي ايندو آهي تڏهن به پريشان رهندو آهي.جڏهن نتيجا ايندا آهن ته ڪي خوشٿيندا آهن ڪي مايوس ٿي ذهني توازن وڃائي وئي رهندا آهن هن ڀيري جيڪا ٿي آهي.اها تاريخ ۾ ڪڏهن نه ٿي ڇو ته جڏهن اسان ٽيسٽ جي تياري ڪندا آهيون ان وقت اسان ۽ اسان جا استاد ان ڳالھ جو اندازو لڳائيندا آهن ته هي پاس آهي يا نه ڇو ته ان ۾ اندازو لڳي ويندو آهي جيڪي پوزيشن کڻندا آهن انهن جي پوزيشن مظبوط ڏسڻ ۾ ايندي آهي پر هن ڀيري سيريل نمبر سنڌ جا هئا انهن جي ،ڪي پي ڪي،پنجاب جي ٻارڙن کي پاس ڪيو ويو آهي ،جڏھن ته ٽيسٽ ۾ صوبي سنڌ جي پرچي ۾ پنجاب سان سوال شامل ھئا. ان تي چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ وزير اعظم نوٽيس وٺي شاگردن سان انصاف ڪن-

Read Previous

ملڪه ترنم نور جهان کي مداحن کان وڇڙئي ويهه سال وهامي ويا

Read Next

پنوعاقل : دادلوء لڳ نيباھو ملڪ سي پيڪ طرف ويندڙ رستي تي هٿياربندن جو ٽولو فرلٽ لاء بيٺل هيو

Most Popular