سانگهڙ : سماجي تنظيم ايم ڊي ايف يورپين يونين ۽ آڪسفيم جي تعاون سان وومين ليڊر شپ ان پبلڪ لائف ان سنڌ پروجيڪٽ جي تحت سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي هال ۾ هڪ کليل ڪچهري منعقد

سانگهڙ (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) سماجي تنظيم ايم ڊي ايف يورپين يونين ۽ آڪسفيم جي تعاون سان ضلع سانگهڙ ۾ وومين ليڊر شپ ان پبلڪ لائف ان سنڌ پروجيڪٽ جي تحت سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي هال ۾ هڪ کليل ڪچهري منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ عورتن جي خودمختياري جي تنظيم جي ميمبرن حصو ورتو. وومين پروٽيڪشن سينٽر جي انسپيڪٽر ميڊم ڪوثر قاسم، خالد نظاماڻي ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ، سوشل ويلفيئر ۽ چائلڊ پروٽيڪشن جو کاتو ، ڊاڪٽر امجد يوسفزئي ، ضلعي هيلٿ آفيسر ، تعليم کاتي جي آفيسر ضلعي تعليم آفيسر نصير جوگي ، ڊپٽي ڊائريڪٽر بحالي ۽ معذوري کاتي عبدالرحيم ٽانوري ، روينيو ڊپارٽمينٽ صابر مهر ۽ لوڪل گورنمينٽ جو نمائندو شاهزيب ناريجو شرڪت ڪئي کليل عدالت ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد ۽ تحفظ کان علاوه صحت ، تعليم ، پيئڻ جو صاف پاڻي ، احساس پروگرام ، منشيات جي روڪٿام ۽ پوليس جي ڪارڪردگي بابت سوال پڇيا ويا جن جو تسلي بخش جواب ڏنو ويو ۽ سڀني مسئلن تي حل ٿيڻ جو يقين ڏياريو. ان کان اڳ مانيٽرنگ آفيسر نويد خيل ، منصوبي بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته منصوبي جو مقصد عورتن جي ليڊرشپ مهارت کي وڌائڻ ۽ مختلف شعبن سان رابطن کي يقيني بڻائڻ آهي. ته جيئن عورتن تي تشدد کي روڪيو وڃي. ثمينه ميمن ۽ تنوير جمالي آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو.

Read Previous

مٽياري ۾ ڪرونا جي تباھڪارين بابت ” بيوس ” بخش علي چانڊيو جي لکيل ڪتاب جي رونمائي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسئيشن جي ميمبرن جي شرڪت

Read Next

ڪشمور ريلوي ڪالوني جي رھواسي ٻن سالن جي معصوم امانت نصيراڻي کي دل ۾ سوراخ وارث غربت ڪري علاج ڪرائڻ کان لاچار

Most Popular