مٽياري ۾ ڪرونا جي تباھڪارين بابت ” بيوس ” بخش علي چانڊيو جي لکيل ڪتاب جي رونمائي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسئيشن جي ميمبرن جي شرڪت

مٽياري . رپورٽ مٽياري ۾ ڪرونا جي تباھڪارين بابت ” بيوس ” بخش علي چانڊيو جي لکيل ڪتاب جي رونمائي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسئيشن جي ميمبرن جي شرڪت . ڪتاب ۾ ڪرونا جي 100 ڏينهن جي ڪارستاين ۽ اسان جي حڪومت جي روين بابت لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پروفيسر بيوس بخش علي چانڊيو … تفصيل موجب مٽياري ۾ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسئيشن پاران دنيا ۾ جاري ڪرونا جي تباھ ڪارين ۽ ان دوران حڪومتي ادارن پاران عوام سان ڪيل بيواجبين بابت پروفيسر بيوس بخش علي چانڊيو پاران لکيل ڪتاب ” ڪرونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس ” جو نماء ڪيو ويو ڪتاب جي رونمائي تقريب ۾ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسئيشن جي اڳواڻن سگا وائيس چيئرمين پيرل خان کوسو . جنرل سيڪريٽري پروفيسر خالد حسين چنا پروفيسر رياض چانڊيو . پروفيسر فدا حسين جوڻيجو ۽ نيو شاداب پيٽروليم سروس جي مالڪ ملڪ صغير احمد ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر بيوس بخش علي چانڊيو جو چوڻ هو ته ڪرونا جي پهرين 100 ڏينهن ۾ قدرتي وبا پاران ڪيل ڪارستاين ۽ ان قدرتي وبا دوران حڪومتي ادارن پاران ڪرونا جي ستايل عوام سان ڪيل ڪلورن بابت لکڻ جي ڪوشش ڪئي آ هن چيو ته هي ڪتاب 100 ڏينهن جي محنت سان لکيو آهي جيڪو ڪرونا جي سو ڏينهن جي تباھ ڪارين بابت تفصيلي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هن چيو ته هي هڪ شاعري مجموعو آهي ۽ شايد هن وبا جي موضوع تي پهريون ڪتاب پڻ آهي

Read Previous

پنوعاقل : ڳوٺ سردار صاحب خان ڪورائي ۾ پراڻي تڪرار تان ڪورائي برادري جي ماڻهن جي سردار صاحب خان ڪورائي جي ڪوٽ بنگلي تي فائرنگ ڪري حراس پکيڙيو ويو

Read Next

سانگهڙ : سماجي تنظيم ايم ڊي ايف يورپين يونين ۽ آڪسفيم جي تعاون سان وومين ليڊر شپ ان پبلڪ لائف ان سنڌ پروجيڪٽ جي تحت سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي هال ۾ هڪ کليل ڪچهري منعقد

Most Popular