سجاول : پوليس جي سرپرستي ۾ ھلندڙ منشيات خلاف شھري اتحاد،جي يو آئي،ايس ٽي پي،سول سوسائٽي ۽ صحافين طرفان احتجاجي مظاھرو

سجاول:(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)سجاول ضلعي ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ ھلندڙ منشيات خلاف شھري اتحاد،جي يو آئي،ايس ٽي پي،سول سوسائٽي ۽ صحافين طرفان سجاول پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنھن ۾ منشيات خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. خبرموجب:سجاول ضلعي ۾ منشيات جي وڪري ۾ تيزي اچڻ پوليس پاران منشيات فروشن کان رشوت وٺي کين کلي ڇوٽ ڏيڻ خلاف سجاول پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.جنھن ۾ پ پ ضلعي اڳواڻ سورج سجاولي،جي يو آئي جي اي آر کتري،شھري اتحاد جي اياز ميمڻ،سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ممتاز لغاري،سول سوسائٽي جي فقيرعاجز،ممتاز شاه،نجيب سرويچ صحافي سيف الله جوڻيجو،حنيف ملاح،گلشيرملاح،مسعود الرحمان،بابو ڪنڊرا،شھباز ميمڻ ۽ ٻين احتجاج مظاھرو ڪندي چيو ته سجاول پوليس جي سرپرستي ۾ سجاول ضلعي ۾ منشيات جي وڪري ۾ تيزي اچڻ لڳي آھي.سجاول ضلعي جي شھرن،جاتي،سجاول،چوھڙجمالي،ميرپوربٺورو،دڙو سميت آس پاس وارن شھرن ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات کلي عام ھلي رھي آھي.معصوم ٻارڙا منشيات وڪرو ڪري رھيا آھن.ھنن چيو ته ايس ايس پي سجاول لکين روپيا ھفتو منشيات فروشن کان وٺي کين منشيات وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي.منشيات استعمال ڪرڻ سبب معصوم ٻارڙا منشيات جا عادي ٿي رھي آھن.منشيات استعمال ڪرڻ سبب ڪيترائي گھر ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آھن.سجاول ضلعو منشيات فروشن ۽ ڏوھارين جي ور چرھي ويو آھي.ھنن چيو ته جمعي جي ڏينھن يعني سڀاڻي سجاول ۾ جامع مسجد چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي مين نيشنل ھاء وي تي منشيات خلاف ڌرڻو ھنيو ويندو

Read Previous

ڪشمور ريلوي ڪالوني جي رھواسي ٻن سالن جي معصوم امانت نصيراڻي کي دل ۾ سوراخ وارث غربت ڪري علاج ڪرائڻ کان لاچار

Read Next

سجاول : خواجه برادري ۽ لغاري برادري جي ھلندڙ ڇڪتاڻ جو نبيرو ٿي ويو

Most Popular