سجاول : خواجه برادري ۽ لغاري برادري جي ھلندڙ ڇڪتاڻ جو نبيرو ٿي ويو

سجاول(ڊر) سجاول ۾ خواجه برادري ۽ لغاري برادري جي ھلندڙ ڇڪتاڻ جو نبيرو ٿي ويو.ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ريحانه لغاري سرڪٽ ھائوس مڪلي تي ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌي کين کير کنڊ ڪري ڇڏيو.ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ريحانه لغاري چيو ته سجاول ضلعي جا ماڻھو امن پسند آھن.ٻنھي ڌرين جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ غلط فھمين جيڪري ٿي رھي آھي.ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي کي معاف ڪري ڇڏيو آھي.خواجه برادري طرفان لغاري برادري تي ڪيل ڪيس واپس وٺندي.فيصلي ۾ غلام حسين خواجه،حاجي منٺار لغاري،ڊاڪٽر قاسم خواجه ممتاز لغاري، ۽ ٻيا موجود ھئا.

Read Previous

سجاول : پوليس جي سرپرستي ۾ ھلندڙ منشيات خلاف شھري اتحاد،جي يو آئي،ايس ٽي پي،سول سوسائٽي ۽ صحافين طرفان احتجاجي مظاھرو

Read Next

سکر : ريجنٽ ڪالوني جي رھواسي مسمات شبانا اعواڻ پنھنجي والد سلطان اعواڻ سان گڏجي سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو

Most Popular