سکر : ایس ایس پی سکر عرفان علي سمون ۽ سکر پوليس جي حمايت ۽ يڪجھتي جي اظھار لاء سکر جي مختلف برادرين پاران ريلي ڪڍي

سکر (رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) ایس ایس پی سکر عرفان علي سمون ۽ سکر پوليس جي حمايت ۽ يڪجھتي جي اظھار لاء سکر جي مختلف برادرين پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب سکر پهچي يڪجهتي جو اظهار آڏو ڪيو ريلي ۾ شامل سول سوسائٽي جي فردن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر ھئا جن تي ايس ايس پي جي حمايت ۾ مختلف قسمن جا نعرا کليل هئا ان موقعي تي ڪرم الله کوسو۔ نثار احمد مھر۔ اميربخش ڊومڪي۔ اشرف کوسو۔ شھزادو ڊومڪي۔ ممتاز جتوئي ۽ ٻين چيو ته سکر ۾ سماجي براين خلاف ڪاروايون ٿين پيون ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ايس ايس پي سکر جي هدايتن تحت ڪاروائيون ٿي رهيون آھن پر ملوث ماڻھون غلط پرو پيگنڊا ڪندي امن کي خراب ڪرڻ جي ڪوششون پيا ڪن سکر پوليس شھرين جي حفاظت ڪري رھي آھي ۽ ڪرڻ ڄاڻي ٿي انھن کي امن پسند ناھي جنھن سبب واويلا ڪري رھيا آھن هنن اعليٰ اختيارن کي اپيل ڪئي ته ايس ايس پي سکر خلاف ٿيندڙ سازشن جو نوٽيس وٺندي انصاف فراهم ڪيو وڃي

Read Previous

سکر قادراپور ٿاڻي جي حد الف ڪچي جي رهواسي ماڇي برادري جي اعجازماڇي ۔قربان ماڇي ۔شهزادو ماڇي پاران مائٽن جي ڏاڍ خلاف سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي

Read Next

ڪنڌرا : ڳوٺ جهنگل تنيو ۾ اين جي اوز هينڊز طرفان اسڪول جي معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڪرونا کان بچاء لاء صابڻ تقسيم ڪيا

Most Popular