ڪنڌرا : ڳوٺ جهنگل تنيو ۾ اين جي اوز هينڊز طرفان اسڪول جي معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڪرونا کان بچاء لاء صابڻ تقسيم ڪيا

ڪنڌرا (رپورٽر ) ڪنڌرا لڳ ڳوٺ جهنگل تنيو ۾ اين جي اوز هينڊز طرفان گورنمينٽ پرائمري اسڪول جهنگل تنيو ۾ پهچي ڪري اسڪول جي معصوم شاگردن ۽شاگردياڻين ۾ ڪرونا کان بچاء لاء صابڻ تقسيم ڪيا جنهن جي اڳواڻي محمد علي شيخ ، ميدم سلما امام، استاد شمس ٻرڙو ۽ عبدالسميع تنيو ٻارن ۾ صابڻ تقسيم ڪيا ويا اين جي اوز هينڊز جي انچارج محمد علي شيخ ميڊم سلما امام صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صفائي ايمان جو حصو آھي ان لاءِ والدين ۽ استادن کي گهرجي ته معصوم ٻارڙن جي صفائي جو خاص خيال رکيو وڃي ڇو ته ٻار ئي مستقبل جا معمار آهن هنن وڌيڪ چيو ته استادن ۽ والدين کي گهرجي ته ٻارن کي ڪرونا کان بچاء جي لا۽ حڪومت جي ايس او پيز تي عمل ڪري پنهنجي ۽ پنهجي ٻارن جي حفاظت ڪري سگهجي ٿي ميڊم سلما امام وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته پنهجي ٻارن کي صابڻ سان هٿ ڌورايو ۽ سينيٽائيزر جي استعمال کي يقيني بڻايو

Read Previous

سکر : ایس ایس پی سکر عرفان علي سمون ۽ سکر پوليس جي حمايت ۽ يڪجھتي جي اظھار لاء سکر جي مختلف برادرين پاران ريلي ڪڍي

Read Next

ڪنڌرا : ڳوٺ ڄاماڻي ۾ ڪنڌرا جي نوجوان صحافي جي والد جي ٽي ورسي ملهائي وئي

Most Popular