ڪشمور پاڻي جي واري تان دشتي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو۔ گوليون لڳڻ ڪري ٽي ڄڻا زخمي۔

ڪشمور(رپورٽ اعجاز احمد چنہ ) ڪشمور پاڻي جي واري تان دشتي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو۔ گوليون لڳڻ ڪري ٽي ڄڻا زخمي۔ زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو۔ تفصيل موجب۔ ڪشمور ٿاڻي جي حد ڊکڻ بنگلو لڳ پاڻي جي واري تان دشتي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو۔ گوليون لڳڻ ڪري ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته فائرنگ ۾ هڪ ڀلوڙ مينهن به زخمي ٿي پي۔ ان سلسلي ۾ زخمي نوجوانن جي وارثن جو چوڻ آهي ته اڄ صبح جو اسان جو همراه شاه گل پلال کڻڻ لاء ٽريڪٽر ڪاهي روانو ٿيو ته هارف(عارف) ڪليشن ڪوف سان مٿن فائرنگ ڪئي۔ اسان فائرنگ جي آواز تي ٻاهر نڪتاسين ته جوابدار اسان مٿان به سڌيون کوليون هلايون جنهن ڪري اسان جا ٽي مڙس شاه گل رضا محمد ۽ شاهمير دشتي سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي۔ سندن وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار اڳ به ٽن ڪيسن ۾ گهربل آھي ان ڪري ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪيون ٿا ته هن ڏوهاري کان اسان کي بچايو وڃي ۽ کين جلد کان جلد گرفتار ڪري قانون جي بالادستي قائم ڪئي وڃي۔

Read Previous

ڪنڌرا : ڳوٺ ڄاماڻي ۾ ڪنڌرا جي نوجوان صحافي جي والد جي ٽي ورسي ملهائي وئي

Read Next

سنڌ هائي ڪورٽ ڪورٽ سکر بينچ ۾ ميونسپل ڪارپوريشن سکر جي دوڪانن جي نيلامي واري ڪيس جي ٻڌڻي عدالت دوڪانن جي نيلامي کي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Most Popular