ڪنڌرا : ڳوٺ ڄاماڻي ۾ ڪنڌرا جي نوجوان صحافي جي والد جي ٽي ورسي ملهائي وئي

ڪنڌرا (رپورٽر )ڪنڌرا لڳ ڳوٺ ڄاماڻي ۾ ڪنڌرا جي نوجوان صحافي جي والد جي ٽي ورسي ملهائي وئي تفصيل موجب ڪنڌرا لڳ ڳوٺ ڄاماڻي ۾ نوجوان صحافي جاويد علي اوڍاڻو جي والد محترم جمال الدين اوڍاڻو جي ورسي جي موقعي تي ڳوٺ ۾ قرآن خواني ڪرائڻ سان گڏ خيرات في سبيل الله جو پڻ بندوبست ڪيو ويو جنھن ۾ مولوي محمد اسماعيل حق نواز ٻرڙو ۽ مدرسي جي طالبن شريڪ ٿي مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعا گهرائي وئي مرحوم جي ورسي ۾ ناليواري صحافي ارشاد علي اوڍاڻو غلام شبير اوڍاڻو پرويز علي عاشق حسين ۽ علائقي جي معزز شخصيتن سميت سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آخر ۾ مرحوم جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه پڙهي وئي

Read Previous

ڪنڌرا : ڳوٺ جهنگل تنيو ۾ اين جي اوز هينڊز طرفان اسڪول جي معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڪرونا کان بچاء لاء صابڻ تقسيم ڪيا

Read Next

ڪشمور پاڻي جي واري تان دشتي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو۔ گوليون لڳڻ ڪري ٽي ڄڻا زخمي۔

Most Popular