روس پنهنجي ٽاڪ ٽاڪ ايپ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ماسڪو: روس چين جي مشهور ترين وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن(ايپ) ٽڪ ٽاڪ جيان پنهنجي ايپ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  روسي وڊيو شيئرنگ ايپ جنهن  کي اداري جي مدد سان تيار ڪيو ويو آهي ان جي مالڪ صدر پيوٽن جي ڌيءَ ڪترينه آهي. روس جي ميڊيا موجب حڪومت جي اثر هيٺ سڀني کان وڏي انرجي ڪمپني گيزپروم سان جڙيل ملڪ جي مشهور ميڊيا ڪمپني ٽڪ ٽاڪ ايپ لانچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  ڪمپني جي گروپ سي اي او ايليگزنڊر زياروف جو چوڻ آهي ته ٽڪ ٽاپ ايپ صدر پيوٽن جي ڌيءَ ڪترينه تيخونوف جي ماتحت هلندڙ فائونڊيشن سان ملي ٺاهي  ويندي ايليگزينڊر زياروف موجب ان جي ميڊيا ڪمپني يامولوڊينس جي نالي سان سروس به خريد ڪري ورتي آهي. روسي بلاگرز جي لاءِ وڊيو سروس منصوبي کي جلد سامهون آندو ويندو اهو منصوبو ايندڙ ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو. ياد رهي ته گيزپروم گروپ جو شمار روس جي نيم سرڪاري انرجي ڪارپوريشن ۾ ٿيندو آهي.   هن ڪمپني جو ماتحت روس جو سڀني کان وڏو ميڊيا نيٽ ورڪ آهي جنهن ۾ ڪيترائي ميڊيا چينلز ۽ ريڊيو اسٽيشن شامل آهن. هلندڙ  مهيني جي  شروعات ۾ گيزپروم جي سي اي او يو ٽيوب جيان 2 ويب سائٽس به لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جيڪي ايندڙ 2 سالن ۾ مڪمل ٿينديون.

Read Previous

ڪنڌرا : دادلي پوليس هٿان بي گناه ڪوڙو جڙتو پوليس مقابلو ڏيکاري بي گناه قتل خلاف لاش رکي روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ويو

Read Next

فيس بڪ ايپل جي مخالفت ۾ اهم قدم کڻي ڇڏيو

Most Popular