فيس بڪ ايپل جي مخالفت ۾ اهم قدم کڻي ڇڏيو

لنڊن:   دنيا جون ٻه وڏيون ڪمپنيون فيس بڪ ۽ ايپل  آمهون سامهون ٿي ويون آهن. فيس بڪ ايپل جي آفيشل اڪائونٽ تان بلوٽڪ ويريفڪيشن هٽائي ڇڏيو آهي.  مارڪ زڪربرگ جي ملڪيت ڪمپني فيس بڪ ۽ ٽم ڪڪ جي ڪمپني ايپل جي وچ ۾ نئون تڪرار شروع ٿي ويو آهي. فيس بڪ ايپل جي آفيشل اڪائونٽ تان بلو ٽڪ ويريفڪيشن هٽائي ڇڏيو آهي. فيس بڪ طرفان بلو ٽڪ اصلي اڪائونٽ جي سڃاڻپ جي نشاني آهي. گذريل هفتي فيس بڪ اشتهاري مهم ۾ ايپل جي پرائيويسي ۾ تبديلين کي تنقيد جو نشانو بنايو هو نئين پاليسين تحت ايپس کي اشتهاري مقصدن جي لاءِ صارفين کي ٽريڪ ڪرڻ جي لاءِ ان جي اجازت جي ضرورت هوندي.  فيس بڪ ان تي رد عمل ڏيندي چيو هو ته نئين پاليسين تحت ننڍا ڪاروبار تباهه ٿي ويندا ۽ ان جي وڪرو ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي ايندي. سوشل ميڊيا ڪمپني ايپل جي خلاف پوري صفحي جي اخبارن جي اشتهارن جي سيريز جاري ڪئي هئي. سوشل ميڊيا ڪمپني فيس بڪ جنهن جي گهڻي آمدني جو ذريعو اشتهار آهن انهن آگسٽ ۾ خبردار ڪيو هو ته ايپل جي تبديلين سان ڪاروبار کي نقصان  پهچي سگهي ٿو. ايپل پنهنجي نئين پاليسين جو اعلان جون ۾ ڪيو هو پر ان ۾ 2021 تائين دير ڪئي وئي. ايپل جو ان حوالي سان چوڻ اهي ته پنهنجي ڄاڻ جو تحفظ صارفين جو بنيادي حق آهي.  جڏهن ته فيس بڪ جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ايپل جي نئين پاليسي تي ننڍو ڪاروبار ڪندڙن ڳڻتي جو اظهار به ڪيو آهي. سوشل ميڊيا ڪمپني موجب نئين پاليسي سان ڪاروباري ماڻهن جي ذاتي نوعيت جا اشتهار هلائڻ ۽ ان کي بهتر طريقي سان صارفين تائين پهچڻ جي صلاحيت محدود ٿي ويندي اهي تبديليون ننڍي ڪاروبار لاءِ تباهه ڪن ثابت ٿينديون.

Read Previous

روس پنهنجي ٽاڪ ٽاڪ ايپ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

نيوزي لينڊ خلاف پهرئين ٽيسٽ ميچ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ترنگا پهچي وئي

Most Popular