ٽرمپ آمريڪي شهرين کي خطري ۾ وجهي پنهنجي ناڪامي تان ڌيان نٿو هٽائي سگهي: ايران

تهران:   ايراني پرڏيهي وزير بغداد حملي بابت ٽرمپ جا الزام رد ڪندي چيو آهي ته هو پرڏيهه ۾ رهندڙ پنهنجي ئي شهرين کي خطري ۾ وجهي پنهنجي ناڪامي تان ڌيان نٿو هٽائي سگهي.  بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني تي راڪيٽ حملن تي ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئٽ ڪندي چيو هو ته ايران کي هڪ دوستاني نصيحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن هڪ آمريڪي به قتل ٿيو ته مان  ان جو ذميوار ايران کي چوندس. هڪ ٻئي ٽوئٽ ۾ آمريڪي صدر چيو ته  بغداد ۾ اسان جي سفارتخاني تي راڪيٽ سان حملا ڪيا ويا. 3 راڪيٽ حملن کي ناڪام بنايو ويو اهي حملا ايران مان ڪيا ويا جڏهن ته اسان عراق ۾ آمريڪين جي خلاف حملن ۾ واڌ جون ڳالهيون ٻڌي رهيا آهيون.  ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف ڊونلڊ ٽرمپ جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ امريڪي شهرين کي خطري ۾ وجهي اوهان پنهنجي ناڪامي تان ڌيان نٿا هٽائي سگهو. واضح رهي ته عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ انتهائي سيڪيورٽي  واري زون  ۾ واقع آمريڪي سفارتخاني تي 8 راڪيٽ فائر ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ اتي موجود گاڏين کي سخت نقصان پهتو هو.

Read Previous

علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائڻ سبب ميشا شفيع عدالت طلب

Read Next

آصف زرداري جو مولانا فضل الرحمان سان رابطو، ڳڙهي خدابخش جلسي ۾ شرڪت جي دعوت

Most Popular