علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائڻ سبب ميشا شفيع عدالت طلب

لاهور: لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ گلوڪار علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا مهم هلائڻ جي معاملي تي جوڊيشل مجسٽريٽ ذوالفقار باري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن گلوڪاره ميشا شفيع خلاف چالان ۾ اعتراض ختم ڪندي عدالت ۾ پيش ڪيو جنهن تي عدالت گلوڪاره کي 18 جنوري تي ايندڙ ٻڌڻي تي گهرائي ورتو. ان کان پهريان ايف آءِ اي پاران جمع ڪرايل چالان ۾ گلوڪاره ميشا شفيع ۽ اداڪاره عفت عمر سميت 8 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو هو جنهن م چيو ويو هو ته ميشا شفيع سميت ٻين جوابدارن علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي جنسي طور حراس ڪرڻ جا الزام هنيا پر اهي الزام سچ ثابت نه ڪري سگهيا.

Read Previous

نيوزي لينڊ خلاف پهرئين ٽيسٽ ميچ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ترنگا پهچي وئي

Read Next

ٽرمپ آمريڪي شهرين کي خطري ۾ وجهي پنهنجي ناڪامي تان ڌيان نٿو هٽائي سگهي: ايران

Most Popular