سيد غلام حيدر شاھ قلندري
اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪڏھن ڪجهه نگاھون چوطرف ڦيرايون ته ڪافي ڳالهين تي اچرج ۽ مٺاڻ محسوس ٿيڻ لڳندي آھي، جاھل ته ويچارا ھونئن به خوار آهن پر پڙھيل لکيل جاھلن جا اسان وٽ ڌڻ آھن ائين جيئن رڍن ٻڪرين جا ولر، ھرڪو ھڪ ٻئي کي ڪراس ڪرڻ ۾ چاپلوسين ۽ تعريفن سکڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو قيمتي ھنر سمجھي ٿو، آھي به واقعي ائين جيڪڏهن ڪنهن کي اھو ھنر اچي ويو اھو ائين ٿو ترقيون ڪري جو ٻين سان گڏ پاڻ به پريشان ٿيو پوي.
ھڪ دفعي ڪنھن گڙنگ سان گڏ ڪنھن وڏي گاڏي ۾ چڙھي ڪنھن ريليءَ جو مزو پئي ورتم، وڏي رش ۽ جنون ھو ايتري ۾ ھڪ ھمراھ مستيءَ ۾ موٽر سائيڪل سان ڪراس ڪندي وڪٽري جو نشان ۽ نعرا ھڻندي گذريو، ڏاڍو اچرج لڳم ۽ سوچيم اھو ٻن آڱرين وارو وڪٽريءَ جو نشان اصل ۾ اسانجي معاشري جي ان ناپاڪ چھري تي چماٽ آھي ۽ ھي عزتون ڏئي نعرا ھڻي ھنن کي منصبن تي پھچائين ٿا، واپسيءَ ۾ ھنن کي انتظار ڪوڙا دلاسا ۽ ڇڙٻون مقدر بنجن ٿيون، اصل ۾ ھو پنھنجي نسلن جو قتل عام پيا ڪن، ھو ھنن کي پنھجون خريديل غلام، رڍون، ٻڪريون سمجھي وڪڻن ٿا، مال ٺاھڻ لاءِ وڏيون جاڳيرون ٺاھن ٿا، فقط وڏين دعوتن ۾ انھيءَ وڪائو وڪٽرين وارن کي سيلفيون ڦٻن ٿيون، منھنجي صلاح آھي ته وقت جو قدر ڪريو ۽ انھيءَ آدم خورن کان مٺيون ڀيڙي ڀڄ.