مٽياري : آل پاڪستان ڪلرڪس ايسوسئيشن آپڪا پاپوليسشن کاتي جي ملازمن آپڪا پاپوليشن سنڌ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

مٽياري . رپورٽ . آل پاڪستان ڪلرڪس ايسوسئيشن آپڪا پاپوليسشن کاتي جي ملازمن آپڪا پاپوليشن سنڌ جي چيئرمين دوست علي شيخ عاشق علي ڀنگر . اختر سومرو . خدا بخش ميمڻ . جي ايم شاھ . پروين عائشا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مٽياري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري شديد نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته فلاحي مرڪز موبائل سروس يونٽ هيلٿ کاتي ۾ ضم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن جنهن جي مذمت ڪيون ٿا هنن چيو ته صوبائي وزير صحت عزرا پيچوهو اسان جي اداري خلاف سازشون ڪري پاپوليشن کاتي جي ملندڙ بجيٽ پنهنجون هٿ ٺوڪيون اين جي اوز ٺهرائي انهن ذريعي خرد برد ڪرڻ لاء پاپوليشن کاتي کي اين جي اوز حوالي ڪرڻ چاهي ٿي جنهن عمل جي مذمت ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان . وزير اعظم پاڪستان . وزير اعلا سنڌ کان مطالبو ٿا ڪيون ته ٽن صوبن ۾ اهڙو جو قانون ناهي پوء سنڌ ۾ ڇو پيو نافذ ڪيو وڃي اڳواڻن خبردار ڪيو ته ملازم دشمن اهڙي عمل خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويندو اسان جو احتجاج ايستائين جاري رهندو جيسين اهو ملازم فيصلو واپس نٿو ورتو وڃي

Read Previous

نوشھروفيروز : پريم ننگر ڪالوني جي رهواسين پاران قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

Read Next

شهيد راڻي بينظير ڀٽو عوام جي حقن لاء جدوجهد ڪندي شهادت ماڻي, پيپلز پارٽي ورڪرن جي پارٽي آهي

Most Popular