شهيد راڻي بينظير ڀٽو عوام جي حقن لاء جدوجهد ڪندي شهادت ماڻي, پيپلز پارٽي ورڪرن جي پارٽي آهي

مٽياري رپورٽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو عوام جي حقن لاء جدوجهد ڪندي شهادت ماڻي, پيپلز پارٽي ورڪرن جي پارٽي آهي,پي ڊيم ايم سان پاڪستان جو عوام گڏ آهي, قيادت جي فيصلي تي هر قدم کڻڻ لاء تيار آهيون, وفاقي حڪومت ملڪ کي ڪمزور بڻائي ڇڏيو آهي, نااهل حڪمرانن مان عوام کي آزادي ڏيارينداسين, 27 ڊسمبر تي شهيد راڻي جي ورسيء ۾ مٽياري مان تاريخي قافلو نڪرندو(مخدوم فخرالزمان) تفصيل موجب اڳوڻي ضلعي چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مخدوم فخرالزمان ايم پي آفس مٽياري ۾ پريس ڪانفرنس دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو هميشه عوام جي حقن جي ڳاله ڪئي, شهيد راڻي جهموريت لاء جدوجهد ڪندي رهي, عوام جي حقن خاطر پنهنجي جان نظرانو پيش ڪري شهادت ماڻي, هن چيو ته شهيد راڻيء کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاء 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ۾ ملڪ جو تاريخي جلسو ٿي رهيو آهي, ورسيء ۾ مٽياري مان وڏو قافلو نڪرندو, هن چيو ته پيپلز پارٽي ورڪرن جي پارٽي آهي, آئون به پيپلز پارٽي جو ورڪر آهيان, مخدوم فخرالزمان چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل سموريون پارٽيون ملڪ ۾ جهموريت جي بقا خاطر عملي جدوجهد ڪري رهيون آهن, پاڪستان جو عوام پي ڊي ايم سان گڏ آهي, عوام موجوده وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين مان تنگ ٿي چڪو آهي, ملڪ ۾ مهنگائي, بدامني, بيروزگاري جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي, هن چيو ته وفاق ملڪ کي ڪمزور بڻائي ڇڏيو آهي, اسان پي ڊي ايم جي پارٽين سان گڏجي ملڪ ۾ جهموريت کي بحال ڪرائي نااهل حڪمرانن مان عوام کي آزاد ڪرائينداسين, مخدم فخرالزمان چيو ته پيپلز پارٽي چيئرمين اسانجي قائد بلاول ڀٽو جي فيصلي تي هر قدم کڻڻ لاء تيار آهيون, هن چيو ته ايم پي اي مٽياري مخدوم رفيق الزمان جي تعاون سان ايشين ڊولپمينٽ جو پراجيڪٽ مڪمل ٿيڻ بعد مٽياري ۾ نئين تاريخ رقم ٿيندي, ان موقئي تي پيپلز پارٽي اڳواڻن ۾ يوسف ڇٽو, نواب مدثر ٽالپر. سيد شهزاد شاھ. رئيس نثار کٽياڻ. پ پ پ شلع صدر شازياعطاء چانگ. محفوظ جماڻي, فقير حسين علي, غلام اڪبرڀٽو. سيد اميدعلي شاھ. شمن سهتو. ڊاڪٽر زاهد ميمڻ, فاروق نوحپوٽو, وزير ميمڻ, منور علي دايو ۽ ٻيا موجود هئا.

Read Previous

مٽياري : آل پاڪستان ڪلرڪس ايسوسئيشن آپڪا پاپوليسشن کاتي جي ملازمن آپڪا پاپوليشن سنڌ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

Read Next

سانگهڙ : ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه چيو آهي ته سانگهڙ شهر ۾ ٽرئفڪ ڪنٽرول سسٽم بهتر ڪيو وڃي

Most Popular