سانگهڙ : ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه چيو آهي ته سانگهڙ شهر ۾ ٽرئفڪ ڪنٽرول سسٽم بهتر ڪيو وڃي

سانگهڙ (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي ) ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه چيو آهي ته سانگهڙ شهر ۾ ٽرئفڪ ڪنٽرول سسٽم بهتر ڪيو وڃي ۽ شهر مان تجاوزات کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ بس اسٽينڊ شهر کان ٻاهر انهن جي مقرر ڪيل هنڌن تي منتقل ڪيا وڃن. مڪمل طور تي موٽر وھيڪل آرڊيننس لاڳو ڪري انهيَ تي عملدرآمد ڪيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ سندس آفس ۾ ٽريفڪ پوليس آفيسرن ، اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي آفيسرن ۽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي آفيسرن سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 1 عبدالغفار سومرو جي سرپرستي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي جنهن ۾ بس اڏن کي شھر کان ٻاھر سندس مخصوص ھنڌن تي منتقل ڪرڻ ، شهر کان تجاوزات ختم ڪرڻ ۽ ٽريفڪ ڪنٽرول پوليس جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ جامع پلان ترتيب ڏيئي ھڪ ھفتي ۾ رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ جمع ڪرائين ڪميٽي جي ميمبرن ۾ آر ٽي اي ، اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ ، ضلعي ڪائونسل جو چيف آفيسر ۽ ٽريفڪ وارڊن شامل هوندا. ان موقعي تي لاڳاپيل ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا

Read Previous

شهيد راڻي بينظير ڀٽو عوام جي حقن لاء جدوجهد ڪندي شهادت ماڻي, پيپلز پارٽي ورڪرن جي پارٽي آهي

Read Next

لاڙڪاڻو : پ ٽ الف سٽي/تعلقي لاڙڪاڻي جي سوين استادن پريس ڪلب لاڙڪاڻو اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪئي

Most Popular