لاڙڪاڻو : پ ٽ الف سٽي/تعلقي لاڙڪاڻي جي سوين استادن پريس ڪلب لاڙڪاڻو اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪئي

لاڙڪاڻو بيورو رپورٽ لاڙڪاڻو گورنمينٽ پرائمري اسڪول ديني مدرسا جي ھيڊ ماستر اعجاز علي پٺاڻ تي ضمير پيرزادو ۽ DEO پرائمري اختر ڪوريجو طرفان چوريء ۽ گوسڙو جو الزام لڳائي جبري بدليء خلاف پ ٽ الف سٽي/تعلقي لاڙڪاڻي جي سوين استادن پريس ڪلب لاڙڪاڻو اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪئي ـ احتجاجي بک ھڙتالي ڪيمپ تي استادن جبري بدلين ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ حڪمران جماعت طرفان سياسي مداخلت خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاجي ڪيمپ کي خطاب ڪندي پ ٽ الف سٽي/تعلقي لاڙڪاڻي جي اڳواڻن محمد اسلم ديدڙ ارشادعلي تنيو , طالب مغل محمد علي ابڙو, فداحسين چانڊيو , علي مراد ابڙو چيو ته جلد کان جلد ھيڊماسترسائين اعجاز علي پٺاڻ جي جبري بدليء جو آرڊرواپس وٺي TEO۽ DEO خلاف ڪاروائي ڪئي وڃين.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن جبري بدليء جو آرڊرواپس نه ورتو ويو ته سب ڊويزن لاڙڪاڻي جا ھزارين استاد 27 ڊسمبر تي شھيد بينظيرڀٽو جي مزار آڏو ڌرڻو ھڻندا.

Read Previous

سانگهڙ : ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه چيو آهي ته سانگهڙ شهر ۾ ٽرئفڪ ڪنٽرول سسٽم بهتر ڪيو وڃي

Read Next

سجاول: جمعيت طلباء اسلام ۽ ميڊيڪل شاگردن طرفان پي ايم سي جي شاگردن جا نتيجا بدلائڻ خلاف سجاول پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو

Most Popular