نوشھروفيروز : پاپوليشن کاتي کي صحت کاتي ۾ ضم ڪرڻ خلاف ۽ پاپوليشن کاتي جي ملازمن جا ٽائيم اسڪيل اپگريڊيشن پروموشن نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نوشھروفيروز (رپورٽ توحيق احمد ميمڻ) پاپوليشن کاتي کي صحت کاتي ۾ ضم ڪرڻ خلاف ۽ پاپوليشن کاتي جي ملازمن جا ٽائيم اسڪيل اپگريڊيشن پروموشن نه ٿيڻ خلاف آپڪا پاپوليشن جي اڳواڻن زاڪر مراد ابڙو منظور کوسو ابراھيم خاصخيلي غلام مرتضي ڦل سجاد حسين عباسي امتياز علي ڦل بيگم مختيار مس ارشاد گجر تاج بيبي انيتا انيلا سفينا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ھيڊ آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو ۽ ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي پاپوليشن کاتو بچايو جي سخت نعري بازي پڻ ڪئي وئي احتجاجي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ زاڪر مراد ابڙو محمد ابراھيم خاصخيلي غلام مرتضي ڦل صحافين کي ٻڌايو ته سنه 1965ع کان پاپوليشن کاتو الڳ کاتي طور ڪم ڪري رھيو آھي اسان ملازمن جي ڏينھن رات جي جدوجھد جي ڪري پاپوليشن کاتي جي پرفارمنس بھتر ٿي آھي ھن وقت پاپوليشن کاتي جي ڪارڪردگي به ھيلٿ کاتي کان ڪافي بھتر آھي ھنن چيو ته ڪجه شرپسند عناصر پنھجي ذاتي مفادن خاطر سي آء پي پروگرام ۾ پاپوليشن کاتي جي ڪيل محنت ڪنھن اين جي اوز جي نالي ڪري اين جي اوز جي ڪوڙي ۽ جعلي ڪارگرگي وڌيڪ ڏيکاري پئي وڃي جيڪا پاپوليشن کاتي جي ملازمن سان سراسر ناانصافي ۽ ظلم آھي ۽ اھي ئي شرپسند عناصر اين جي اوز جي غلط پرفارمنس صحت جي منسٽرکي سي آء پي پروگرام جاجعلي انگ اکر ٻڌائي صحت ۽ پاپوليشن جي منسٽر کي مس گائيڊ ڪري پاپوليشن کاتي کي صحت کاتي ۾ ضم ڪرائڻ چاھين ٿا جڏھن ته صحت کاتو پھريان کان ئي تباھ ٿيل آھي جن ڊسپينسرن ۾ پاپوليشن کاتي جا فلاحي مرڪز سينٽر شفٽ ڪيا پيا وڃن اتي ناڪارا زبون حال عمارتون ھجڻ سبب ڀوت بنگلن جا ڏيک ڏئي رھيون آھن اتي نه پاڻي جي سھولت آھي نه ئي ڪمرن ۾ در دريون آھن نه ئي واش روم آھن انھن زبون حال عمارتن مان ھر وقت ڇت جا چاپر ڪرندا رھن ٿا اھڙي صوتيحال ۾ اتي ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ غير محفوظ آھي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان پھريان به پنھنجي جائز مطالبن جي حل لاء احتجاجي مظاھرا ۽ ڌرڻا ھنيا ھئا جن ۾ ٽائيم اسڪيل اپگريڊيشن پروموشن ميل مبلائيزرن کي يارھون اسڪيل ڏيڻ سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا ھئا جنھن ۾ اسان جي کاتي جي اعلي آفيسرن ڳالھيون ڪري سب مطالبا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي اسان جا احتجاجي مظاھرا ۽ ڌرڻا ختم ڪرايا ھئا جنھن ۾ اسان پنھنجي اعلي آفيسرن کي پنھنجي مطالبن بابت چارٽ آف پيش ڪيو ھو پر افسوس جو اڃا تائين انھن واعدن تي عمل نه ٿي سگھيو آھي آپڪا پاپوليشن اڳواڻن ۽ ملازمن چئرمين پ پ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعلي سنڌ ۽ منسٽر ھيلٿ اينڊ پاپوليشن عذره پيچوھو سان پر زور مطالبو ڪيو ته پاپوليشن کاتي جا فلاحي مرڪز سينٽر صحت کاتي ۾ شفت ڪرڻ وارو فيصلو فورن واپس ورتو وڃي ۽ اسان جا جائز مطالبا ٽائيم اسڪيل آپگريڊيشن پروموشن سميت ٻيا مطالبا فورن منظور ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ اسان جو اڳيون قدم ڪراچي پريس ڪلب طرف ھوندو ۽ وزيراعلي ھائوس جو گھراء ڪنداسين مطالبا منظورٿيڻ تائين سي ايم ھائوس اڳيا ڌرڻو جاري رھندو ھنن وڌيڪ چيو ته پاپولشن کاتي جي ملازمن سان ماتيلي ماء وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي مظاھرين وڌيڪ چيو ته صحت کاتي جي ڊسپينسرين ۾ سھولتن جي اڻھوند آھي صحت کاتي جو ڪم الڳ آھي ۽ پاپوليشن جو ڪم وڌنڌڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ آھي مظاھرين وڌيڪ چيو ته پاپوليشن کاتي جي ملازمن جي حقن تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي جيڪو اسان ھرصورت ۾ قبول نه ڪنداسين

Read Previous

سجاول ضلعي ۾ منشيات جو ڪاروبار کلي عام ھلڻ خلاف شھري اتحاد ۽ جي ٽي آئي پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو

Read Next

سکر : ايس ايس پي جي حق ۾ پريس ڪلب آڏو مختلف برادرين، نوجوانن ۽ شهرين پاران احتجاج، ريلي

Most Popular