سکر : ايس ايس پي جي حق ۾ پريس ڪلب آڏو مختلف برادرين، نوجوانن ۽ شهرين پاران احتجاج، ريلي

سکر( رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سکر جي ايس ايس پي جي حق ۾ پريس ڪلب آڏو مختلف برادرين، نوجوانن ۽ شهرين پاران احتجاج، ريلي. خبرموجب ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون کي ھٽائڻ جي سازش خلاف ساڻس اظهار يڪجھتي ۽ سکر پوليس جي حمايت ۾ سکر جي نوجوانن، مختلف برادرين جي ماڻھن ۽ شهرين پاران قاسم پارڪ سکر کان سکر پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ريلي ۾ شريڪ ماڻھن کي هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ ايس ايس پي سکر عرفان سمون جون تصويرون کنيل هيون، ريلي ۾ عورتن جي وڏي تعداد شرڪت پڻ ڪئي. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ فائزه قريشي، عذرا جمال، غزالا انجم، ماجد پٺاڻ، احسان شيخ ۽ ٻين چيو ته ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون جي سکر ۾ مقرري بعد امن جي فضا قائم ٿي وئي آهي. شهر دشمن قوتون سکر پوليس ۽ ايس ايس پي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن. جنهن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، سکر ضلعي امن لاءِ ايس ايس پي عرفان سمون تمام گھڻيون ڪوششون ڪيون آهن. سندس مقرري بعد ضلعي ۾ ڏوهي وارداتن تي ضابطو آيو آهي. ايس ايس پي عرفان سمون خلاف ٿيندڙ سازشون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيون وينديون. ھڪ سازش تحت ايس ايس پي جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي سکر لاءِ سازشون ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

Read Previous

نوشھروفيروز : پاپوليشن کاتي کي صحت کاتي ۾ ضم ڪرڻ خلاف ۽ پاپوليشن کاتي جي ملازمن جا ٽائيم اسڪيل اپگريڊيشن پروموشن نه ٿيڻ خلاف احتجاج

Read Next

راڻيپور : بااثرن پاران چار ايڪڙ زرعي زمين تي قبضي خلاف متاثرن جو احتجاجي مظاهرو نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو

Most Popular