پوري ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ پنجاسي ماڻهو فوت ٿي ويا

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا بابت انگ اکر ظاهر ڪلندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ ڪورونا جا 39435 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2152 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سان ريڪارڊ 85 فوتگيون ٿيون. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا مثبت اچڻ جي شرح 5.6 سيڪڙو رهي. سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سان فوتگين جو انگ 9753 ٿي ويو آهي ۽ مجموعي ڪيس 4 لک 67222 تائين پهتا آهن جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 38511 آهي. ان کان علاوه 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ 1824 مريض ڪورونا کان صحتياب پڻ ٿيا آهن جنهن کانپوءِ مجموعي طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 418958 ٿي ويو آهي.

Read Previous

دنيا جي ڪا طاقت پاڪستان کي ختم نٿي ڪري سگهي: آرمي چيف

Read Next

سنڌ جو آءِ جي اغوا نه ٿيو هو: مرتضيٰ وهاب

Most Popular