سنڌ جو آءِ جي اغوا نه ٿيو هو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته آءِ جو عهدو معتبر آهي جنهن تي ڳالهائڻ ۾ احتياط ڪرڻو پوندو، هو اغويٰ نه ٿيو هو. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب نيوز ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر بابت 5 وزيرن جي رپورٽ ڪابينا اڳيان پيش ڪئي وئي، مزار قائد جي حرمت جو واضح قانون موجود آهي، اسيمبلي جي ميمبر راجه اظهر پوليس کي درخواست ڏني آهي. هن چيو ته پوليس درخواست کي مجسٽريٽ وٽ جمع ٿيڻ جو قانوني نڪتو کنيو، ٻي درخواست داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ان کي به پوليس واپس ڪري ڇڏيو، ان صورتحال تي تحريڪ انصاف جو رويو نامناسب هو. مرتضيٰ وهاب چيو ته ان صورتحال ۾ هڪ ماڻهوءَ کي سامهون آندو ويو جنهن جان کان مارڻ جي ڌمڪي جو اضافو ڪيو، پوليس موقف اختيار ڪيو ته رپورٽ ڪوڙي آهي، ان جو اختيار عدالت کي آهي، عدالت ان کي سي ڪلاس ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪراچي واقعي جي رپورٽ 30 ڏينهن اندر ڪابينا ۾ جمع ڪرائي هئي، ڪالهه سنڌ ڪابينا رپورٽ جي منظوري ڏني، وفاقي حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سياسي مقصدن لاءِ ان واقعي کي استعمال ڪيو، پوليس جي جاچ ۾ سامهون آيو ته ايف آءِ آر ڪوڙي هئي، پوليس رپورٽ سان اتفاق ڪندي عدالت ايف آءِ آر ختم ڪري ڇڏي.

Read Previous

پوري ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ پنجاسي ماڻهو فوت ٿي ويا

Read Next

قاضي احمد شھر توڙي پسگردائيءَ جي واري علائقي جي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف يوٿ اسٽرگل الائنس وجود ۾ اچي ويو

Most Popular