سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان شاگردن پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي شاگرد دشمن پاليسين خلاف جناح باغ چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان شاگردن پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي شاگرد دشمن پاليسين خلاف جناح باغ چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جي مک چوڪن پاڪستاني چوڪ، بندر روڊ، قائم شاہہ بخاري کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ نويد ڪلهوڙو، پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي اڳواڻ خان غفار خان، جساف اڳواڻ اشرف ڪلهوڙو، چانڊيه اتحاد پاڪستان ضمير چانڊيو، ڪالاڻي يوٿ فيڊريشن فيصل شاه ڪالاڻي، پروگريسو يوٿ الائنيس جي شعيب چانڊيو، پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو شعيب قادر ۽ فهد عباسي، سول سوسائٽي اڳواڻ ليکڪ آفتاب چانڊيو ۽ اعتزاز گائينچو، زبير جاگيراڻي، عزير سوهو ۽ ٻين چيو ته پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي نئين شاگرد دشمن پاليسين مجموعي طور تي شاگردن کي تمام گھڻو نقصان رسايو آھي، پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن پاڻ ھڪ غير فعال ادارو آھي ۽ بحرانن جو شڪار آھي. هنن چيو ته ارڙھين ترميم بعد صحت ۽ تعليم جا اختيار صوبن کي آھن پر آئين جي آرٽيڪل اي 25آرٽيڪل 39، 38، 37 جي جي ڀڃڪڙي ڪري صوبائي خودمختياري تي پڻ وار ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته شاگردن مٿان اوچتو نيون سيليبس مڙھڻ ۽ ٽيسٽ ۾ ڪورس کان ٻاھران سوال اچڻ شاگردن سان سراسر ناانصافي آھي. هنن چيو ته سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ٽيسٽ سينٽرن تي ڪاپي عام ھلي آھي، انتظاميه جي سرپرستيءَ ۾ ڪيترائي شاگرد ٽيسٽ سينٽرن ۾ موبائيل فونن سميت موجود هئا، پي ايم سي جي نئين پاليسي مطابق شاگردن کي ميڊيڪل ٽيسٽ جي ڪاربان ڪاپي نه ڏني وئي جيڪو عمل سيٽون وڪڻڻ جو ڪارڻ بڻجي پڻ بڻيو آهي. جڏهن ته ٽيسٽ نتيجا دير سان پڌرا ڪرڻ ۾ شاگردن جو نقصان ٿئي ٿو اھڙي عمل جي اسين سخت مذمت ڪيون ٿا. وفاقي حڪومت طرفان صوبائي خودمختياريءَ جي انحرافي ڪندي، صوبن جي غريب شاگردن جي حقن جي لتاڙ ڪندي، ملڪ ۾ 73 سالن کان هلندڙ ادارو ختم ڪري هڪ نئون ادارو جوڙيو ويو آهي، نئين قيام ۾ آندل اداري جون پاليسون شاگرد دشمن، صوبائي خودمختياريءَ خلاف ۽ وفاقيت پسند آهن. اداري ٺهڻ شرط سڀ کان پهريائين سنڌ جي پرائيوٽ يونيورسٽين مان ڊوميسائيل جو شرط ختم ڪري ملڪ جي ٻين صوبن مان شاگردن کي سنڌ اندر تعليم حاصل ڪرڻ جي ڇوٽ ڏيڻ سنڌ جي شاگردن جي حقن، وسلين جي ڦرلٽ برابر آهي. هنن چيو ته ٽيسٽ جا هڪ شهر ۾ مختلف سينٽر مقرر ڪري ڪاپي ڪرڻ جون سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ شاگرد دشمن عمل آھن، اسين اھڙي عمل جي مذمت ڪري ٿي. اسين اھو مطالبو ڪيون ٿا ته نئين اداري پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل کي رد ڪري ساڳيو 73 سالن کان هلندڙ اداري پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل کي بحال ڪري صوبن کي پنھنجا حق ڏنا وڃن ۽ شاگردن سان انصاف ڪيو وڃي ، گڏوگڏ ميڊيڪل جي داخلا ۾ اڳ جيان ڊوميسائيل ۽ پي آر سي جو شرط رکي سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ سنڌي شاگردن کي اوليت ڏني وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Read Previous

سجاول:سجاول ضلعي ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ ھلندڙ منشيات خلاف شھرين چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. جنھن ۾ منشيات خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي

Read Next

پليجاڻي ھزارا ايڪسپريس جو 4 سالن جي ٻارڙي کي ٽڪر نيگر فوت

Most Popular