سجاول:سجاول ضلعي ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ ھلندڙ منشيات خلاف شھرين چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. جنھن ۾ منشيات خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي

سجاول:(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)سجاول ضلعي ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ ھلندڙ منشيات خلاف شھري اتحاد،جي يو آئي،سول سائٽي پاران مامون لاڏو چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. جنھن ۾ منشيات خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. خبرموجب:سجاول ضلعي ۾ منشيات جي وڪري ۾ تيزي اچڻ پوليس پاران منشيات فروشن کان رشوت وٺي کين کلي ڇوٽ ڏيڻ خلاف سجاول ۾ مامون لاڏو چوڪ کان اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.جنھن ۾ پ پ ضلعي اڳواڻ سورج سجاولي،جي يو آئي جي مولوي اشرف ميمڻ،شھري اتحاد جي اعظم عمراڻي،منير ميمڻ ۽ ٻين احتجاج مظاھرو ڪندي چيو ته سجاول پوليس جي سرپرستي ۾ سجاول ضلعي ۾ منشيات جي وڪري ۾ تيزي اچڻ لڳي آھي.سجاول ضلعي جي شھرن،جاتي،سجاول،چوھڙجمالي،ميرپوربٺورو،دڙو سميت آس پاس وارن شھرن ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات کلي عام ھلي رھي آھي.معصوم ٻارڙا منشيات وڪرو ڪري رھيا آھن.ھنن چيو ته ايس ايس پي سجاول لکين روپيا ھفتو منشيات فروشن کان وٺي کين منشيات وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي.منشيات استعمال ڪرڻ سبب معصوم ٻارڙا منشيات جا عادي ٿي رھي آھن.منشيات استعمال ڪرڻ سبب ڪيترائي گھر ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آھن.سجاول ضلعو منشيات فروشن ۽ ڏوھارين جي ور چرھي ويو آھي.ايس ايس پي سجاول جي آفيس جي پويان ايس پي پاڻ منشيات جو اڏو قائم ڪيو آھي .ھنن آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ته ھن منشيات فروشن جي ساٿاري ايس پي سجاول کي سجاول مان بدلي ڪيو وڃي.

Read Previous

خيرپور ناٿن شاھ : اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي طرفان پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي انٽري ٽيسٽ جي رزلٽ ۾ ھيرا ڦيري ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Read Next

سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان شاگردن پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي شاگرد دشمن پاليسين خلاف جناح باغ چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي

Most Popular