سانگهڙ: برادري ۾ ڪاوڙ جي لهر متاثرين، احتجاج سخت نعري بازي ملزمن کي گرفتار ڪرڻ جي اپيل

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي)منگلي ٿاڻي جي حد چڪ نمبر15 ۾ رسول بخش ڀٽي جي گهر کي بااثرن پاران باه ڏئي ساڙڻڻ بعد ڀٽي برادري ۾ ڪاوڙ جي لهر متاثرين نيشنل پريس ڪلب ورڪشاپ پهچي احتجاج سخت نعري بازي ملزمن کي گرفتار ڪرڻ جي اپيلخبر موجب ورڪشاپ لڳ منگلي ٿاڻي جي حد چڪ نمبر15 ۾ رسول بخش ڀٽي جي گهر کي باه ٻي پاسي ڀٽي برادري ۾ ڪاڙ جي لهر نيشنل پريس ڪلب ورڪشاپ ۾ پهچي ،اشرف ڀٽي ، غلام علي ڀٽي ،عطا محمد ڀٽي، سهارو ڀٽي ،رب رکيو ڀٽي، دلاور ڀٽي، بخش علي ڀٽي سميت ڪيترائين ڀٽي برادري جي ماڻھون احتجاج ڪندي سندس چوڻ هو ته اسان جي گهر کي بااثرن خالق شر، نظر شر، صادق شر، باه ڏئي گهر ساڙي ڪري فرار ٿئي ويا اسان رات ئي ورڪشاپ جي پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس اسان جي ڪا به مدد نه پئي ڪري متاثرين جو نيشنل پريس ڪلب ورڪشاپ پهچي ڪري احتجاجي پريس ڪانفرنس ڪندي انصاف جي گهر ڪئي، سندس چوڻ ھو ته اسانجي گهر کي بلاجواز بااثر خالق شر هٿ سان باه ڏئي ساڙي ڪري فرار ٿئي ويو جڏهن ته باه گهر کي وڪوڙي وئي گهر ۾ پيل سڄو سامان سڙي رک ٿئي ويو ۽ باه مڪمل طور تي گهر کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي الھ تلھ رک ڪري ڇڏيومتاثرين پنهنجو مال متا ۽ جانيون بچاء ٻاهر نڪتا جڏهن ته رسول بخش ڀٽي جي گهر ۾ 7 ڏينهن کان پوء شادي تقريب ٿيڻي هئي لڳل باه سندس ڇوڪري جو سامان ۽ نياڻي جو ڏاج پڻ مڪمل ساڙي رک ڪري ڇڏيو، متاثرن ڊي سي سانگهڙ ايس ايس پي سنڌ حڪومت ايس ايچ او منگلي ۽ قانوني عملدار کان نوٽيس وٺن جي اپيل ڪئي،هوڏاهن خالق شر پنهنجو موقف ڏيندي سندس چوڻ هو ته آچر جي ڏينهن اسان جو فيصلو رکيل آھي مون تي چوري جي الزام لڳايل آھي باه واري وقت مان گهر ۾ ئي نه هويس مون تي خالي الزام آھين

Read Previous

ڪشمور ٽائون ڪاميٽي مان برطرف ٿيل ملازمن جو ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ شھيدن جي مزار آڏو احتجاج بک ھڙتال

Read Next

ڳڙھي خيرو: پيُ پٽ جي قتل کان بعد وارثن پاران روڊ تي لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو

Most Popular