ڳڙھي خيرو: پيُ پٽ جي قتل کان بعد وارثن پاران روڊ تي لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو

ڳڙھي خيرو(رپورٽر اسدالله لغاري)پيُ پٽ جي قتل کان بعد وارثن پاران روڊ تي لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو تفصيل موجب تعلقه ڳڙھي خيرو جي تاجوديرو ٿاڻي جي حد ۾ رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو جنهن سبب ڳوٺ محمد نواز رند جو رهواسي اياز رند ۽ ان جي نوجوان پٽ اسد رند کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو, جڏھن ته جوابدارن جي گرفتاري لاء وارثن ٻنهي جا لاش شيرانپور ٿهيم جي قريب بيگاري پل تي رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو جنهن سبب جيڪب آباد, شڪارپور, رتوديرو ۽ ڳڙھي خيرو کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي, جڏھن ته ٽي گهنٽا ڌرڻو جاري رهڻ واري هنڌ وزير اعلي سنڌ جو صلاحڪار مير اعجاز حسين جکراڻي پهچي ڳالهيون ڪيون ۽ انصاف ڏيارڻ جي يقين دهاني ڪرائي جنهن بعد وارثن مقتولن جا لاش کڻي ڌرڻو ختم ڪيو. ان موقعي تي وزير اعلي سنڌ جو صلاحڪار مير اعجاز حسين جکراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي پٽ جي قتل جو ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو, قتل ٿيل ماڻھن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر شريڪ آهيان ان وڌيڪ چيو ته ڪله ايس ايس پي جيڪب آباد جي ڳڙھي خدا بخش ۾ ڊيوٽي هجڻ سبب جوابدارن جي گرفتاري لاء ڳاله نٿي سگهي اڄ ايس ايس پي سان ڳاله ٻولھ ٿي ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز جوابدارن جي گرفتاري لاء يقين ڏياريو ته جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.

Read Previous

سانگهڙ: برادري ۾ ڪاوڙ جي لهر متاثرين، احتجاج سخت نعري بازي ملزمن کي گرفتار ڪرڻ جي اپيل

Read Next

ڳڙھي خيرو : سنڌي شاگرد تحريڪ پاران پي ايم سي ۾ سنڌ جي شاگردن سان نا انصافين خلاف تعلقه صدر رضا علي جمالي امير بخش جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

Most Popular