سکر: ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪانٽريڪٽي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو

سکر(رپورٽر) سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪانٽريڪٽي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل چنگچي ڊرائيورن 3 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. گل بهار ابڙو. وقار دايو، نثار مهر ۽ ٻين ٻڌايو ته 3 جولاء 2020 تي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو ويو هو ان وقت کان لڳاتار ڊيوٽي سر انجام ڏئي رهيا آھن پرکين پگهارون نه پيون ڏنيون وڃن. هنن چتاء ڏنو ته کين پگهارون نه ڏنيون ويون ته اهي احتجاج ڪري پاڻ ساڙيندا.

Read Previous

ڳڙھي خيرو : سنڌي شاگرد تحريڪ پاران پي ايم سي ۾ سنڌ جي شاگردن سان نا انصافين خلاف تعلقه صدر رضا علي جمالي امير بخش جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

Read Next

قاضي احمد : شھر جي سياسي سماجي شخصيت پياري دوست حفيظ الرحمٰن جوڻو جي ستاويهين سالگرھ تقريب ٿي گذري

Most Popular