قاضي احمد : شھر جي سياسي سماجي شخصيت پياري دوست حفيظ الرحمٰن جوڻو جي ستاويهين سالگرھ تقريب ٿي گذري

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي : قاضي احمد شھر جي سياسي سماجي شخصيت پياري دوست حفيظ الرحمٰن جوڻو جي ستاويهين سالگرھ تقريب پيپلز پارٽي تعلقہ آفيس قاضي احمد ۾ ملھائي وئي، تقريب ۾ صدر پ پ سٽي قاضي احمد حاجي خان لاکو، پ پ اڳواڻ رئيس بھار خان مري، سماجي اڳواڻ صوفي محمد امين اوٺو، صدر پريس ڪلب قاضي احمد عبدالمومن جوڻو ء ٻين پاران سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، تقريب جي ميزبان عبدالوحید چانڊيو پاران حفيظ الرحمٰن جوڻو ء ٻين آيل مهمانن کي اجرڪن ء گلن جا هار پارائي آڌر ڀاءُ ڪيو ويو، تقريب ۾ سياسي سماجي تنظيمن ء صحافين حفيظ الرحمٰن جوڻو جي سماجي خدمتن تي کيس اجرڪون اوڍائي ڀرپور داد ڏنو ويو آخر ۾ حفيظ الرحمٰن جوڻو تقريب جي ميزبان سميت سڀني آيلن جو شڪريو ادا ڪيو. تقريب ۾ پ پ يوٿ تعلقہ قاضي احمد جي صدارتي اميدوار سيد صدام حسين شاھ شيرازي، قربان لاشاري جنرل سيڪريٽري پ پ سٽي قاضي احمد، مير فاروق مري صدارتي اميدوار پ پ يوٿ سٽي قاضي احمد، سينيئر نائب صدر پريس ڪلب قاضي احمد محمد بچل سيال، جنرل سيڪريٽري پريس ڪلب قاضي احمد صلاح الدين ڪيريو، صحافي علي حيدر چانڊيو، صحافي محمد موسيٰ جتوئي، صحافي غلام حيدر انڙ، صحافي راجا ٺڪر، ھرجي مل ٺڪر، وڏيرو نبي بخش ماڃوٺو، محمد رفيق ملاح، جاويد بلوچ، عامر لاکو، رضا محمد خاصخيلي، امجد جتوئي، نور ڀٽي، عابد خاصخيلي سميت ڪيترن ئي دوستن شرڪت ڪئي.

Read Previous

سکر: ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪانٽريڪٽي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو

Read Next

ڪرسٽيانو رونالڊو صديءَ جو بهترين فٽبالر قرار

Most Popular