افغانستان ۾ ڌماڪن جو سلسلو جاري، چار اهلڪار فوت، ڪيترائي زخمي

ڪابل: افغانستان جي راڄڌاني شهر سميت 4 مختلف هنڌن تي ڌماڪا ٿيا جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. افغان ميڊيا موجب پهريون آپگهاتي حملو صوبي فراهه جي ضلعي پوليس هيڊڪوارٽر ۾ ٿيو جنهن ۾ هڪ اهلڪار فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٻيو ڌماڪو صوبي غزني ۾ ٿيو جتي روينيو ڊپارٽمينٽ جا ٻه ملازم مارجي ويا. اهڙيءَ طرح ٽيون ڌماڪو خوست صوبي ۾ ٿيو جنهن ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿيا، زخمين ۾ صوبائي ڪائونسل جو سربراهه به شامل آهي جڏهن ته ڪابل ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ هڪ ملازم فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

Read Previous

مائونٽ منگنوئي ٽيسٽ: پاڪستان نيوزيلينڊ پاران ڏنل حدف جي مقابلي ۾ ايڪهتر رنسون ٺاهي ورتيون

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، هڪ ڏينهن دوران 63 فوتگيون، سترنهن سئو ڇاهتر نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular