ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، هڪ ڏينهن دوران 63 فوتگيون، سترنهن سئو ڇاهتر نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد:  پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي هڪ ڏينهن دوران 63 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته هينئر تائين گڏيل طور تي 9 هزار کان وڌيڪ مريض ماڻهو هن موذي وبا سبب حياتيون وڃائي چڪا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 30 هزار 666 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 66 لک 19 هزار 983 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ هزار 776 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 4 لک 75 هزار 085 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 12 هزار 093، پنجاب ۾ هڪ لک 36 هزار 669، خيبرپختونخواهه ۾ 57 هزار 746، اسلام آباد ۾ 37 هزار 390، بلوچستان ۾ 18 هزار 099، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 235 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 853 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 39 هزار 599 ٿي ويو آهي جڏهن ته 2 هزار 259 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 63 فوتگيون ٿيون آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويلن ماڻهن جو گڏيل انگ 9 هزار 992 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار 602 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 25 هزار 494 ٿي ويو آهي.

Read Previous

افغانستان ۾ ڌماڪن جو سلسلو جاري، چار اهلڪار فوت، ڪيترائي زخمي

Read Next

حددخلين جي خاتمي وارو ڪيس: سپريم ڪورٽ پاران وڏي وزير مراد علي شاهه کي هڪ مهيني جي مهلت

Most Popular