اسرائيلي جهازن جا شام جي فوجي اڏي تي ميزائل حملا

ادلب: شام ۾ هڪ فوجي اڏي تي اسرائيلي جهازن ميزائل حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار مارجي ويو ۽ 5 زخمي ٿي پيا. عالمي خابرو اداري موجب اسرائيلي جنگي جهازن هيٺ اڏام ڪندي شامي فوج جي هڪ يونٽ ۽ لبنان جي تنظيم حزب الله جي شامي ٺڪاڻن تي به ميزائل حملا ڪيا. شامي فوجي جي ترجمان جو چوڻ هو ته راڄڌاني دمشق جي وادي زباداني جي يونٽ تي اسرائيلي جهازن ميزائل حملو ڪيو، دفاعي هوائي نظام ڪيترن ئي ميزائلن کي هوا ۾ ئي ناڪاره بڻايو. ٻئي طرف سيئريئن آبزرويٽري جي دعويٰ آهي ته شامي فوجي جي يونٽ کان علاوه حزب الله جي هٿيارن واري ذخيري تي به حملا ڪيا ويا جنهن ۾ ذخيرو ڪيل تباهه ٿي ويا جڏهن جنهن ۾ نقصان جو خدشو پڻ آهي.

Read Previous

ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف نيب هٿان گرفتار

Read Next

سورنهن فيبروري تي نوازشريف جو پاسپورٽ رد ڪري ڇڏينداسين: گهرو وزير

Most Popular