سورنهن فيبروري تي نوازشريف جو پاسپورٽ رد ڪري ڇڏينداسين: گهرو وزير

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد نوازشريف جو پاسپورٽ رد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. شيخ رشيد سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽرز اسلام اباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سي ڊي اي جي سمورن ڪانٽريڪٽ ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو. دهشتگردي جا خطرا آهن جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايگل اسڪواڊ اسلام آباد ۾ مقرر ڪري رهيا آهيون. اسلام آباد ۾ سمورا ناڪا ختم ڪري صرف 3 رهڻ ڏينداسين. گهرو وزير چيو ته پهرين جنوري کان سمورن ملڪن جون ويزائون آن لائن هونديون جنهن ۾ چين ۽ افغانستان به شامل آهن. هن ٻڌايو ته 16 فيبروري تي نوازشريف جو پاسپورٽ رد ڪري رهيا آهيون. شيخ رشيد چيوته پيپلز پارٽي سينيٽ ۽ ضمني چونڊ ۾ حصو وٺندي. ڳالهين جا دروازا کليل آهن. هي سڀ چور پنهنجي چوري بچائڻ جي لاءِ گڏ ٿيا آهن هي سمورا ماڻهو بي نقاب ٿيندا.

Read Previous

اسرائيلي جهازن جا شام جي فوجي اڏي تي ميزائل حملا

Read Next

ڪوئٽه جي احتساب عدالت بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

Most Popular