پي ڊي ايم سڄي ملڪ ۾ مظاهرن لاءِ تاريخن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:  حڪومت مخالف اپوزيشن پارٽين جي اتحاد پي ڊي ايم ٻئين مرحلي تحت سڄي ملڪ ۾ مظاهرن لاءِ تاريخن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.  ذريعن موجب پي ڊي ايم جي سربراهي هيٺ 3 جنوري تي بهاولپور ۾ احتجاجي مظاهرو ٿيندو. بهاولپور مظاهري جي اڳواڻي مولانا فضل الرحمان، مريم نواز ۽ يوسف رضا گيلاني ڪندو. رپورٽون آهن ته 6 جنوري تي بنون ۾ پي ڊي ايم جي انتظام هيٺ مظاهرو ٿيندو. بنون ۾ ٿيندڙ مظاهري جي اڳواڻي پي ڊي ايم جو اڳواڻ مولانا فضل الرحمان ڪندو.  پي ڊي ايم 11 جنوري تي مالاڪنڊ، 13 تي لورالائي ۽ 16 جنوري تي ٿرپارڪر ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪندي. ذريعن موجب 23 سرگودها، 30 سيالڪوٽ ۽ 31 جنوري تي فيصل آباد ۾ مظاهرو ٿيندو. ياد رهي ته مولانا فضل الرحمان پهرين جنوري تي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ(پي ڊي ايم) جو اجلاس طلب ڪيو آهي جيڪو لاهور ۾ مريم نواز جي گهر ٿيندو. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته مظاهرين جي نئين تاريخن جو باضابطه اعلان پهرين جنوري تي ٿيندڙ اجلاس کان پوءِ ٿيڻ جو امڪان آهي. پهرين جنوري تي لانگ مارچ ۽ سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ يا نه وٺڻ جي فيصلي جو به امڪان آهي. سينيٽ ۽ ضمني چونڊن جي بائيڪات تي به صلاح مشورا ڪيا ويندا. استعيفائن لاءِ مناسب وقت طئي ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ان کان علاوه مولانا فضل الرحمان اڄ مريم نواز سان به ملاقات ڪري رهيو آهي.  مريم نواز اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي گهر ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي اڳواڻ پ پ جي بيان کان پوءِ پيدا ٿيندڙ نئين سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا مريم نواز ۽ مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ مستقبل جي لائحه عمل به تي به ڳالهيون ٿينديون.

Read Previous

ڪوئٽه جي احتساب عدالت بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

Read Next

نيپرا بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular