ڪوئٽه جي احتساب عدالت بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

ڪوئٽه:  احتساب عدالت بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.  رپورٽ موجب ڪوئٽه جي احتساب عدالت ۾ مهر ڳڙهه ورثي جي بحالي واري مد ۾ ڏنل فنڊز ۾ مبينه ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي سندس ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.  جڏهن ته ڪيس ۾ اسلم رئيساڻي جي هڪ ويجهي مائت عبدالنبي جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. ڪيس ۾ نوابزاده لشڪري رئيساڻي ۽ اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري دوستين جمالديني عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني جنهن کي عدالت منظور ڪندي مهر ڳڙهه جي بحالي واري مد ۾ فنڊز ۾ مبينه ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

سورنهن فيبروري تي نوازشريف جو پاسپورٽ رد ڪري ڇڏينداسين: گهرو وزير

Read Next

پي ڊي ايم سڄي ملڪ ۾ مظاهرن لاءِ تاريخن جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular