خيرپور ناٿن شاه يوسي ڇوڙ قمبر ۾ ٿرديپ خيرپور ناٿن شاه ٽيم پاران جاڳرتا سيمينار

خيرپور ناٿن شاه يوسي ڇوڙ قمبر ۾ ٿرديپ خيرپور ناٿن شاه ٽيم پاران جاڳرتا سيمينار, يوسي ٿلهو يوسي گوزو ۽ يوسي ٻگهيه جي مختلف ڳوٺن جي عورتن جي شرڪت.تفصيل موجب. خيرپور ناٿن شاه يوسي ڇوڙ قمبر ۾ ٿرديپ خيرپور ناٿن شاه ٽيم پاران ڳوٺ ستاڻي چانڊيو ۾ هڪ جاڳرتا سيمينار ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ خيرپور ناٿن شاه اسسٽنٽ ڪمشنر ارشاد علي ڪمالاڻي سميت يوسي گوزو يوسي ٿلهو ۽ يوسي ٻگهيه جي مختلف ڳوٺن جي عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ارشاد علي ڪمالاڻي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته ٿرديپ تعلقه ڪي اين شاه ۾ تمام بهترين ڪم ڪري رهي آھي. ان جو مثال هن ڳوٺ ستاڻي چانڊيو ۾ گهٽيون پڪيون ڪرڻ آھي. اڄ هن سيمينار ۾ مختلف ڳوٺن کان آيل عورتن جي شرڪت ٿيڻ تي مون کي تمام خوشي ٿي آھي. ان سيمينار ۾ يونٽ انچارج عبدالحڪيم مڱريو ڳالهائيندي چيو ته ٿرديپ تعلقه ڪي اين شاه جي غريب عوام جي مدد ڪرڻ لا۽ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهي آھي. ان موقعي تي ٿرديپ مئنيجر غلام اڪبر کوسو. حميره نور.اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل وئيلفيئر علي مرتضي ڪولاچي . منظور حسين چانڊيو.لطيفان مزناڻي.رشيده. منور جوڻيجو. اختر واڊو ۽ منظور جمالي پڻ خطاب ڪيو. جڏھن ته مختلف ڳوٺن مان آيل لوڪل سپورٽ آرگنائيزيشن جي اڳواڻن شڪريو ادا ڪندي چيو ته ٿرديپ اسان جي يونين ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ غريب ماڻھن جي ڀلائي لا۽ ڪم ڪري رهي آھي. ان ڀلائي واري ڪم ۾ اسين سڀ ٿرديپ سان گڏ آھيون.

Read Previous

سکرجي يوسي 10۾ صفائي جي صورتحال خراب، مدرسي منزل گاھ سکراڳيان گندگي جو ڏيک

Read Next

نوابشاهه : فوزيه رسول جيڪي ڊي ايچ او يار علي جمالي تي حراسمينٽ جا الزام لڳايا آھن

Most Popular