سکرجي يوسي 10۾ صفائي جي صورتحال خراب، مدرسي منزل گاھ سکراڳيان گندگي جو ڏيک

سکر سکرجي يوسي 10۾صفائي جي صورتحال خراب، مدرسي منزل گاھ سکراڳيان گندگي جو،آزار وڌي ويو، پئمپ لائين ٽٽڻ سبب روڊن ۽ رستن تي پاڻي بيٺل، نمازي ماڻھون ۽ شھري شديد پريشان، ميونسپل ڪارپوريشن سکر صفائي ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي ،جي يوآ۽ يوسي 10پاران عھديدارن جو گڏيل اجلاس جي يوآ۽ امير مولانا عبدالخبير خاڪسار جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو، جنھن۾ صفائي جي صورتحال تي ڳڻتي جواظھار ڪيوويوان موقعي تي جي يوآ۽ اڳواڻ مولانامحمد عابد انڊھڙمولاناعبدالله مھاجرمڪي، سھيل احمد ھاليجوي ،محب الله سکھري، مولانا محمدعابدسنڌي سميت ٻين اڳواڻن وڏي انگ۾ شرڪت ڪئي،جي يوآ۽اڳواڻن جوچوڻ ھوته ميونسپل ڪارپوريشن انتظاميه صفائي ڪرائڻ۾ مڪمل طورتي ناڪام ٿي چڪي آھي، ڪافي وقت کان ديني علمي اداري مدرسي منزل گاھ سکر اڳيان گندگي جا ڊير لڳي ويا آھن، گٽرن جو گندو پاڻي مدرسي جي گيٽ ٻاھران بيٺل آھي، انتظاميه کي ڪافي شڪايتون ڪيون آھن پر انتظاميه اگھور ننڊ ستل آھي، ڪن لاٽار پئي ڪري، گندگي جي ڪري پوري علائيقي۾بدبو۽ اچي پئي، جنھن جي ڪري شھري ۽ نمازي ماڻھون وڏي مصيبت۾ اچي ويا آھن ھنن ڪمشنر سکر ڊپٽي ڪمشنرکان مطالعبو ڪيوته اسان جي علائيقي ۽ مدرسي منزل گاھ ٻاھران صفائي ڪرائي ڏني وڃي نه پھرين جنوري تي ايڊمينسٽر سکرخلاف دمادم مست قلندر ٿيندو،

Read Previous

سکر ۽ شڪارپور ضلعي جي وچ ۾ ڏاندن جي گوء جي آڙ ۾ لکين روپين جي روزانو بنياد تي جوا هلڻ لڳي

Read Next

خيرپور ناٿن شاه يوسي ڇوڙ قمبر ۾ ٿرديپ خيرپور ناٿن شاه ٽيم پاران جاڳرتا سيمينار

Most Popular