ڪروشيا ۾ خوفناڪ زلزلو، 7 ڄڻا اجل جو شڪار

زگريب: وچ ڪروشيا ۾ آيل زلزلي جي لوڏن سبب هڪ ٻارڙي سميت 7 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. عالمي خابرو اداري موجب ڪروشيا جي راڄڌاني کان 50 ڪلوميٽر پري پنرينجا ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن ۾ علائقي واسي خوف ۽حراس ۾ اچي پنهنجي گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري ميدان طرف ڊوڙڻ لڳا. زلزلي سبب ڪيتريون ئي رهائشي عمارتون ڊهي ملبي جو ڍير بڻجي يون جڏهن ته مرڪزي رستن ۾ وڏا وڏا ڏار پئجي ويا، سموري شهر ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس بند جڏهن ته وڏو حصو اونڌاهي ۾ ٻڏي ويو.

Read Previous

ٽيسٽ رينڪنگ ۾ وليمسن پهرين پوزيشن تي اچي ويو، بابر جي پنجين پوزيشن برقرار

Read Next

اداڪاره ايمن خان ۽ منال خان جو والد لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular