اداڪاره ايمن خان ۽ منال خان جو والد لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور:    پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور جاڙين اداڪاره ڀينرن ايمن خان ۽ منال خان جو والد لاڏاڻو ڪري ويو. اداڪاره ايمن خان جي مڙس اداڪار منيب بٽ مشهور فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته ايمن ۽ منال جو والد لاڏاڻو ڪري ويو آهي. اداڪار منيب بٽ اسٽوري ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته جنازي جي نماز ۽ تدفين بابت اعلان جلد ڪيو ويندو. واضح رهي ته ان کان اڳ اداڪاره منال خان به مداحن کان پنهنجي والد جي لاءِ دعائن جي درخواست ڪئي هئي.  مشهور فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي اداڪاره منال خان هڪ اسٽوري پوسٽ ڪئي هئي جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته مهرباني ڪري منهنجي والد جي لاءِ دعا ڪريو هو سخت بيمار آهي. ياد رهي ته اداڪاره منال خان طرفان والد جي بيماري جي حوالي سان ڪابه وضاحت نه ڪئي وئي هئي.

Read Previous

ڪروشيا ۾ خوفناڪ زلزلو، 7 ڄڻا اجل جو شڪار

Read Next

چين ۾ به ڪورونا جي نئين قسم جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو

Most Popular