هڪ ٻي پاڪستاني اداڪاره سادگي سان شادي ڪري ڇڏي

ڪراچي: پاڪستان شوبز جي اداڪاره صرحا اصغر به 2020 ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي. گذريل ڏينهن اداڪاره صرحا اصغر پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شادي جي تصوير جاري ڪري مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو. صرحا اصغر پنهنجي شادي جي خاص ڏينهن لاءِ مشهور ڊيزائنر هانيه ڪامران جي ڊيزائن ڪيل اڇي رنگ جي عروسي لباس ۽ زي ايس واءِ جي جيولري جي چونڊ ڪئي. نڪاح واري ڏينهن اداڪاره جي مڙس ڪاري رنگ جي لباس سان مهرون واسڪٽ پاتي هئي، اداڪاره جي پوسٽ ڪيل تصوير تي ساٿي اداڪارائن ۽ مداحن پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

Read Previous

پي سي بي ايوارڊز جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

صدر ٽرمپ ٻيو صدام حسين ثابت ٿيو: حسن روحاني

Most Popular