نااهل حڪمرانن کي عوام جي طاقت سان گهر موڪلينداسين: بلاول ڀٽو

ٺٽو:   پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نااهل حڪمرانن کي عوام جي طاقت سان گهر موڪلينداسين. عمران خان آبپاره چوڪ تي ڌرڻو هنيو هو. پي ڊي ايم کي به آبپاره چوڪ جي باري ۾ سوچڻ گهرجي.  ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم اڃان به چوي ٿو ته هو ٽريننگ تي آهي. مسئلن جو حل نٿو نڪري ته جان ڇڏيو، نالائق حڪومت جي ڪري مهناگائي جو وزن کڻڻو پئجي رهيو آهي. حڪومت جا وزير سازشون ڪري رهيا آهن پر پي ڊي ايم هڪ پليٽ فارم تي گڏ آهي.  عوامي پريشانين تي ڳالهيون ڪريون ٿا ته حڪومت اين آر او جو روئڻ شروع ڪري ٿي. عمران خان صرف ۽ صرف پنهنجي ڪرسي بچائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته مڇ ۾ مزدورن جي قتل جي مذمت ڪريون ٿا جڏهن کان پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي آهي تڏهن کان نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ناهي ٿي رهيو.  حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ شروع ڪري. پي ڊي ايم ڪنهن رليف جو مطالبو ناهي ڪيو. پيپلز پارٽي جي ڪميٽي پي ڊي ايم جي هر فيصلي جي توثيق ڪئي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته حڪومت ڪنسٽرڪشن مافيا لاءِ ايمنسٽي اسڪيم ۾ واڌ ڪئي. اسان چئون ٿا ته مزدورن ۽ وائٽ ڪالر طبقي لاءِ اسان کي رليف گهرجي جنهن تي حڪومت تيار نٿي ٿئي.

Read Previous

(ن) ليگ غريب عوام کي قرض ۾ ٻوڙي معاشي گهاءُ ڏنا آهن: فردوس عاشق

Read Next

خوراڪ کاتي سانگهڙ جي نااهلي سبب ڌڪا لڳائي گڏ ڪيل ڪڻڪ سوين مڻ خراب ٿي وئي

Most Popular