(ن) ليگ غريب عوام کي قرض ۾ ٻوڙي معاشي گهاءُ ڏنا آهن: فردوس عاشق

لاهور:  پنجاب جي وڏي وزير  جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مسلم ليگ(ن) قرض ۾ ٻوڙي غريب عوام کي معاشي گهاءُ ڏنا آهن. پنجاب جي وڏي وزير جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ سماجي  رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته مالي پريشانين جو مقابلو، حڪمت عملي سان گڏ ۽ ڪفايت شعاري سبب لاڳيتو پنجين مهيني ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس رهيو. جڏهن ته ڪورونا جي دوران مالي پريشانين جي باوجود عوام کي 56 ارب جو ٽيڪس ريليف ڏنو ويو. هن چيو ته وصولين جي مد ۾ هلندڙ سال جي شروعات 6 مهينن ۾ 42 سيڪڙو رهي جڏهن ته عوام جي بهتري لاءِ به قدم کنيا ويا. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته بزدار حڪومت جي ڪاوشن جي ڪري معيشت بهتر رهي آهي. جڏهن ته شوباز اينڊ ڪمپني بيدردي سان عوام جو پئسو لٽيو.  هن چيو ته پنجاب کي هڪ هزار 200 ارب جي قرض ۾ ٻوڙيندڙ(ن) ليگ عوام کي معاشي گهاءُ ڏنا آهن. بزدار حڪومت وزيراعظم عمران خان جي سرپرستي هيٺ ان زخمن کي ڀري رهي آهي.

Read Previous

نيب 2018 کان ٻه 2020 تائين جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

Read Next

نااهل حڪمرانن کي عوام جي طاقت سان گهر موڪلينداسين: بلاول ڀٽو

Most Popular