سکر جبري گمشدگين ۽ سنڌ سڀا اڳواڻن جي گرفتاري خلاف سکر ۾ وائيس آف سنڌ پاران ٽن ڏينهن لاءِ علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي

سکر(بيورو رپورٽ) جبري گمشدگين ۽ سنڌ سڀا اڳواڻن جي گرفتاري خلاف سکر ۾ وائيس آف سنڌ پاران ٽن ڏينهن لاءِ علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي. سنڌ مان سياسي ڪارڪنن کي کنڀي ڪرڻ، سنڌ سڀا لانگ مارچ ۾ شامل نياڻين جي تذليل ۽ انعام سنڌي سميت سنڌ سڀا ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف ڪالهه وائيس آف سنڌ پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. هتي جسقم (آريسر) جي مرڪزي اڳواڻ غلام نبي گهانگهرو، سنڌ سڀا ڪارڪن خالق سنڌي سميت مختلف سياسي سماجي ڪارڪنن ڪئمپ تي پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. صحافين سان ڳالهائيندي وائيس آف سنڌ جي اڳواڻ سڪندر چانڊيو چيو ته پرامن سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ رياستي بربريت آهي، سنڌي قوم کي رياستي جبر ذريعي بغاوت لاءِ اتساهيو پيو وڃي. هڪ طرف درجنين پرامن سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي ٻئي طرف جبري گمشدگين خلاف پرامن لانگ مارچ ڪنڌڙ نياڻين مٿان ڪاهه ڪري کين روڊن تي گهلي سنڌي نياڻين ۽ سنڌي قوم جي تذليل ڪئي وئي. انعام سنڌي سميت سنڌ سڀا جي هڪ درجن ڪارڪنن کي جڙتو ايف آئي آر ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کي مختلف هنڌن تي رکي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته انعام سنڌي حراست هيٺ ساٿين سميت جبري گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن انعام سنڌي سميت سنڌ سڀا جي ڪنهن به ڪارڪن جي حياتي خطري ۾ پئجي وئي ته ان جا نتيجا خطرناڪ نڪرندا.

Read Previous

خوراڪ کاتي سانگهڙ جي نااهلي سبب ڌڪا لڳائي گڏ ڪيل ڪڻڪ سوين مڻ خراب ٿي وئي

Read Next

سکر : سيڪريٽري اطلاعات عمران عطا سومرو جي سهري جو ٽيجهو, معززين جي وڏي انگ ۾ شرڪت صوبائي صلاحڪار نثار کهڙو,سهراب سرڪي پاران تعزيت

Most Popular